Book Name:Hum Aur Social Media
ٻئي پاسي اسان جي حالت ڇا (هوندي) آهي؟ * ميوزيڪل ٽيونز (Musical tunes) ٺاهڻ به ناجائز * ان کي حاصل ڪرڻ به ناجائز * هلائڻ به ناجائز * پاڻ ٻڌڻ به ناجائز * ٻين کي ٻڌائڻ به ناجائز پر افسوس! اسان جي مسجدن ۾ عين جماعت جي دوران ميوزيڪل ٽيون وڄي رهي هوندي آهي. * پنهنجي به نماز ڊسٽرب ٿي رهي هوندي آهي * ٻين کي به پريشاني ٿي رهي هوندي آهي * پوءِ الله پاڪ جي گهر جي اندر اها جڳھ جيڪا خاص عبادت جي لاءِ بڻائي وئي آهي، ان هنڌ شيطاني ميوزڪ به وڄندو آهي.
منهنجي خيال ۾ موبائل (Mobile) جو سڀ کان وڏو نقصان اسلامي معاشري کي ٿيو آهي اهو هيءُ آهي ته هي مسجد جي بي حرمتي جو سبب بڻجي رهيو آهي. * هونئن ته اسان جي معاشري ۾ ميوزڪ ڪٿي نه آهي؟ * ڪنهن گهٽيءَ کان بنا ميوزڪ جو آواز ٻڌڻ جي گذري وڃڻ ڏاڍو مُشڪل ٿي ويو آهي * گهرن ۾ ميوزڪ * گهٽين ۾ ميوزڪ پاڙي ۾ ميوزڪ * رستن تي ميوزڪ * بسن ۾ ميوزڪ * رڪشن ۾ ميوزڪ * جهازن ۾ ميوزڪ...!! هاءِ افسوس! هر پاسي ميوزڪ جا آوازَ گونجندا آهن، هڪ جڳھ جيڪا ان جي نحوست کان بچيل هئي، يعني الله پاڪ جا گهرَ، پياريون پياريون مسجدون...!! موبائل جي اچڻ جو نقصان هي ٿيو جو هاڻي مسجدن ۾ به ميوزيڪل ٽيونز وڄنديون آهن. عام طور تي امام صاحب جماعت کان پهريان به اعلان ڪندو آهي: موبائل هجي ته بند ڪري ڇڏيندا! يا سائيلنٽ(Silent) تي لڳائي ڇڏيندا! خبر ناهي پوءِ به موبائل بند ناهن ٿيندا، سائيلنٽ تي ناهن لڳايا ويندا، ڪيئي ماڻهو هن اعلان کي اهم ناهن سمجهندا.