Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

   اي عاشقانِ رسول! واعدو پورو ڪرڻ سنّتِ مُصطفٰي بلڪه سنّتِ انبياء آهي * اسان جا آقا واعدي جا تمام پڪا هئا ۽* واعدو ٽوڙڻ کي نهايت ناپسند فرمائيندا هئا*  اعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو! مان جلدي اچان ٿو، اهو شخص هليو ويو پر واپس موٽڻ ڀُلجي ويو، 3 ڏينهن کان بعد ان کي وري ياد آيو، جڏهن اهو ان جڳھ تي پهتو ته هي ڏسي ڪري حيران رهجي ويو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 3 ڏينهن گذرڻ جي باوجود اتي ئي تشريف فرما هئا ۽ مَاشَآءَ اللہ! شفقت ۽ رحمت ۽ حُسنِ اخلاق ڏسو! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي دڙڪا نه ڏنا، ڪاوڙ نه ڪيائون، بَس اوترو فرمايائون: اي شخص! تو مونکي مُشقت ۾ وجهي ڇڏيو.[1] الله اسان کي به نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنّت تي عمل ڪندي وعدو پورو ڪرڻ وارو بڻائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے                                                                                    ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

  الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

 


 

 



[1]...اَبُو داؤد، کتاب ادب، باب فی العدۃ، صفحہ:781، حدیث:4996۔