Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

جي ياد جي لاءِ وقت ڪڍندا ئي ناهيون، دنيا ۾ اوترو ڦاسي ويا آهيون جو بَس ڏينهن رات ڪمائڻ، کائڻ وغيره جا ئي خيال رهندا آهن، رهي سهي ڪسر سوشل ميڊيا ڪڍي ڇڏي. بَس موبائل هٿ ۾ آهي، دنيا جهان کان بي خبر بَس ان ۾ ئي لڳل آهيون* فيس بُڪ (Facebook) * يُوٽيوب (YouTube) *  انسٽاگرام(Instagram) وغيره تي فضول پوسٽون ڏسندا رهندا آهيون، گناھن ڀريا ريلز (Reels) ڏسندا رهندا آهيون، ٽِڪ ٽاڪ (Tik Tok) تي وڊيوز ڏسندا رهندا آهيون، فضول ۾ سڪرولنگ ڪندا رهندا آهيون، ڪيئي ڪيئي ڪلاڪَ انهن فضول ڪمن بلڪه گناھن ڀري ڪمن ۾ گذري ويندا آهن، نه دنيا جو ڪو فائدو حاصل ڪيو، نه ئي آخرت جي ڪا تياري ڪئي، ايئن دنيا به برباد، آخرت به تباھ...!!

نہ خدا ہی ملا نہ وِصالِ صَنَم

نہ اِدھر کے رہے نہ اُدھر کے رہے

يعني سوشل ميڊيا ۾ گم ٿي ڪري ائين بي خبر ٿي وياسين جو نه دنيا جو ڪو فائدو کنيو، نه ئي آخرت ڪمائي، بَس ائين پنهنجي قيمتي وقت کي باھ ڏئي ڇڏي. ڪاش! اسان کي احساس ٿي وڃي ۽ اسان پنهنجو قيمتي وقت نيڪ ڪمن ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون.

کچھ ایسا ہو کرم ماہِ رسالت یارسولَ اللہ!                                                  کروں اللہ کی دل سے عبادت یارسولَ اللہ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                                                                                                                                     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد