Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

اِنَّ السَّمْعَ وَ الْبَصَرَ وَ الْفُؤَادَ  کُلُّ  اُولٰٓئِکَ کَانَ  عَنْہُ  مَسْـُٔوْلًا (۳۶)

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ ڪن ۽ اک ۽ دل انهن سڀني جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو.

 (سيپارو: 15، سورة بني اسرائيل: 36)

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلْعَيْنَانِ تَزْنِيَانِ اکيون به بدڪاري ڪنديون آهن حضرت  ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي:  زِنَا الْعَيْنِ النَّظَرُ                                اکين جي بدڪاري ڏسڻ آهي.

بدنگاھي جو  عذاب

امام محمد بن محمد غزالي رحمةُ اللهِ عَلَيْه نقل ڪن ٿا: جيڪو پنهنجي اکين کي حرام جي نظر سان ڀريندو الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان جي اکين کي باھ سان ڀري ڇڏيندو.

 حضرت علامه عبدُ الرحمٰن بن جوزي رحمةُ اللهِ عَلَيْه نقل ڪن ٿا: عورتن جي حسن ۽ جمال کي ڏسڻ ابليس جي تيرن مان زهر ۾ ٻُڏل هڪ تير آهي، جنهن نامحرم کان اک جي حفاظت نه ڪئي ان جي اک ۾ قيامت جي ڏينهن باھ جي سَرائي ڦيري ويندي.

 پيارا اسلامي ڀائرو: ٿورو غور ته ڪيو ته سرمو پائيندي اسان جا هٿ ڏڪندا آهن ۽ جيڪڏهن سرمي جي سَرائي اک ۾ لڳي وڃي يا سرمو ٿورو تيز هجي ته اسان جي دانهن نڪري ويندي آهي جڏهن اسان کي سرمي جي معمولي سَرائي تڙپائي ڇڏيندي آهي ته بدنگاهي جي سبب جيڪڏهن الله پاڪ ناراض ٿي ويو ۽ اسان جي اک ۾ باھ جي سرائي ڦيري وئي ته اسان جو ڇا ٿيندو!