Book Name:Hum Aur Social Media
جيڪو ٽيلي ٿون ۾ حصو شامل ڪري، شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دامت برڪاتهم العاليه ان کي دعائن سان به نوازيو آهي. پاڻ دعا فرمائي:
يا رَبِّ مصطفى! 3 نومبر 2024 تي جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيلي ٿون جو سلسلو ٿي رهيو آهي، ياالله! انهن ۾ يا هاڻي کان جيڪو ڪو حصو ملائي، گهٽ ۾ گهٽ 1 يونٽ جمع ڪرائي، يا ڪنهن کي ان جي ترغيب ڏي، يا ان لاءِ ڀڄ ڊوڙ ڪري.
اي الله پاڪ! ان کي ايستائين موت نه ڏي، جيستائين تنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو خواب ۾ جلوو نه ڏسي وٺي، ۽ ان کي ماءُ پيءُ سميت بغير حساب مغفرت سان مشرف فرماءِ.
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، گناھن کان بچڻ، صحيح اسلامي عقائد سکڻ، سنتن جو پابند بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب جوش ۽ جذبي سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن ۾ هڪ ديني ڪم علاقائي دورو پڻ آهي.
حديث جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راھِ خُدا ۾ خاڪ آلود ٿين، انهن کي