Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

ٻڌڻ ته پري جي ڳالھ، ان جي ڏسڻ کان به بچندو رهڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي  ان جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

سوشل ميڊيا جا طبي نقصان

 پيارا اسلامي ڀائرو! سوشل ميڊيا جا طبي نقصان (Medical damages) به کوڙ آهن، مثال طور *  سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال ذهني تناءُ (Mental stress)  جو سبب بڻجندو آهي *  بي چيني وڌندي آهي *  ڊپريشن (Depression) ۾ اضافو ٿيندو آهي *  ان سان بيخوابي (آرام واري ننڊ نه اچڻ) جي بيماري به لڳي سگهي ٿي *  اهڙيءَ طرح سوشل ميڊيا جي گهڻي استعمال سان خود اعتمادي (self confidence) گهٽ ٿيندي آهي *  حقيقي دنيا کان ڪَٽجي ڪري گهڻو خيالي دنيا ۾ رهڻ وارو بڻجي ويندو آهي *  ان سان سُستي وڌندي آهي *  هاضمو خراب ٿيندو آهي *  نفسياتي بيماريون پيدا ٿينديون آهن *  يادداشت ڪمزور ٿيندي آهي. ان کان علاوه ٻيا به کوڙ نقصانات آهن جيڪي سوشل ميڊيا جي ذريعي ٿيندا آهن.

   تنهنڪري اسان کي گهرجي ته سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪيون ۽ ضرورت جي تحت جيترو استعمال ڪرڻو آهي ان ۾ محتاط رهون.

سوشل ميڊيا جي استعمال جون ڪجھ احتياطون

سوشل ميڊيا جي استعمال جون ڪجھ احتياطون عرض ڪريان ٿو: