Book Name:Hum Aur Social Media
جي نوراني چهري تي پريشاني جا آثار ڏٺا ته
عرض ڪيم: يارسولَ الله
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان!! هي
پريشاني جا آثار ڇا جا آهن؟ اُمت
جي فڪر ۾ غمگين رهڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ
واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هڪ معاملو آهي جنهن
جو مونکي پنهنجي اُمت جي متعلق خوف آهي. حضرت شداد رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: مون پڇيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اهو معاملو ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: شرڪ ۽ خُفيه خواهش. مون عرض
ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّم! ڇا اوهان جي امت شرڪ ۾
مبتلا ٿي ويندي؟ ان تي فرمايائون: اي شداد! منهنجي اُمت
سج، چنڊ ۽ پٿرن جي پوجا نه ڪندي پر منهنجي امت پنهنجي اعمال ۾ ڏيکاءُ ڪرڻ لڳندي.
مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ
واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا رياڪاري شرڪ آهي؟
فرمايائون: ها (رياڪاري شرڪِ اصغر آهي). مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! خفيه خواهش ڇا آهي؟ فرمايائون: هي ته
منهنجو ڪو امتي روزو رکي پر ڪنهن دنياوي خواهش جي ڪري
روزو ٽوڙي ڇڏي.[1]
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مون کي توهان جي متعلق سڀ کان وڌيڪ شرڪِ اصغر جو خوف آهي. عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! شرڪِ اصغر ڇا آهي؟ فرمايائون: رياڪاري. پوءِ فرمايائون: قيامت جي ڏينهن جڏهن ماڻهن کي انهن جي اعمال جو بدلو ڏنو ويندو ته رياڪارن کي چيو ويندو: انهن ڏانهن ئي وڃو جن کي دنيا ۾ پنهنجا اعمال ڏيکاريندا هئا. [2]
دے حُسْنِ اخلاق کی دولت کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت
مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا یااللہ! مری جھولی بھر دے ([3])