Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

جهنّم جي باھ نه ڇُهندي.[1] نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ جي لاءِ گهران نڪرڻ به راھِ خُدا ۾ نڪرڻ آهي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ بازارن ۾ تشريف کڻي ويندا هئا مختلف قبيلن ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا.

 دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن گهر گهر، دڪان دڪان وڃي ڪري نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي نمازن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي اسان ان کي علاقائي دورو چوندا آهيون.

   اوهان کي علاقائي دوره ۾ عملي طور تي شامل ٿيڻ جي التجا آهي ان جون کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون. اچو! اوهان جي ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهارٻڌايان ٿو.

شرابي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويو

   پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جو هڪ مدني قافلو ڪَپَڙوَچ (گجرات، هند) پهتو، قافلي جا اسلامي ڀائرَ علاقائي دورو ڪرڻ جي لاءِ مسجد کان ٻاهر تشريف وٺي ويا، علاقائي دوري جي دوران هڪ شرابي کي نيڪي جي دعوت ڏني، الحمد لله! اهو شرابي مدني قافلي وارن سان مسجد جي طرف هليو، اسلامي ڀائرَ ان سان ادب ۽ اخلاق سان پيش آيا جو اهو 6 ڏينهن تائين مدني قافلي وارن سان گڏ رهيو، علاقائي دوري جي برڪت ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جي سبب ان گناھن کان توبھ ڪئي، ڏاڙهي مبارڪ رکي، عمامي


 

 



[1]... مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔