Book Name:Hum Aur Social Media
کي تمام گهڻو افسوس ٿيو. مان خوفِ خُدا سان ڏڪي ويُس، مون تي ندامت غالب آئي ۽ جنهن اک سان جهاتي پاتي هئي ان کي ڪڍي اڇلائي ڇڏيو. ارشاد فرمايائون! اِنْ کَانَ ھٰذَا ذَنْبًا رَجَعْتُ جيڪڏهن منهنجو هي عمل گناھ آهي ته مان به هليو وڃان ٿو. حضرت موسى عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم اُن شخص کي گڏ وٺي ويا، پوءِ جڏهن پاڻ جبل تي پهتا، ته اُن شخص کي ارشاد فرمايو: الله پاڪ کان بارش جي دعا ڪيو. ان هيئن دعا ڪئي: يَاقُدُوْس! يَاقُدُوْس! تنهنجو خزانو ڪڏهن ختم ناهي ٿيندو ۽ بخل تنهنجي صفت ناهي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان اسان تي پاڻي وساءِ. فوراً بارش ٿي وئي ۽ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ۽ اهو شخص پهاڙ کان واپس تشريف وٺي آيا.
سُبْحٰنَ اللہ! ڏسو بدنگاھي کان بچڻ جي ڪهڙي عظيم فضيلت آهي. الله پاڪ اسان کي توفيق بخشي، ڪاش! اسان بدنگاھي کان بچڻ وارا بڻجي وڃون.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
هتي هڪ ڳالھه ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو! بلاوجھ پنهنجي ڪنهن به عضو کي ڪٽڻ شرعاً جائز ناهي. اسان جو جسم الله پاڪ جي امانت آهي، اسان ان ۾ خيانت نٿا ڪري سگهون. ڪنهن عضو کان گناھ ٿي وڃي ته توبه لاءِ ان عضو کي ڪٽڻ جو حڪم پهرين شريعتن ۾ هو، الحمدلله! اسان تي ڪرم ٿيو، الله پاڪ اسان کي نبيُّ التَّوبَہ (يعني توبه قبول ڪرڻ واري، قبول ڪرائڻ واري نبي) صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو امت بڻايو آهي. اسان لاءِ ايترا سخت حڪم ناهن، بلڪ فرمايو ويو آهي: گناه تي سچي دل سان شرمندو ٿيو! ۽ آئنده گناه نه ڪرڻ جو