Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

عورت جي چادر به نه ڏسو

 حضرت علاء بن زياد رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: لَاتَتَّبِعْ بَصَرَكَ رِدَاءَ الْمَرْاَةِ فَاِنَّ النَّظَرَ يَجْعَلُ فِی الْقَلْبِ شَهْوَةً پنهنجي نظر کي عورت جي چادر تي به نه وجهو ڇوته نظر دل ۾ شهوت پيدا ڪندي آهي.

الله! الله! غور فرمايو! اسان کي پرديدار عورت جي چادر تي نظر وجهڻ کان به روڪيو پيو وڃي ته ان سان دل ۾ شهوت اڀرندي آهي. افسوس! سوشل ميڊيا تي چادر جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، سوشل ميڊيا جي زينت بڻجڻ واري عورت ڪپڙا پورا پاتا هجن، هيءَ به غنيمت آهي. جڏهن پرديدار عورت جي چادر کي ڏسڻ سان به دل ۾ شهوت اڀرندي آهي ته غور فرمايو! اڌ کان وڌيڪ بي لباس عورت کي ڏسڻ سان دل جو حال ڇا ٿيندو هوندو...!! اهوئي سبب آهي جو اسان جي معاشري ۾ جنسي تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن، بدڪاري عام ٿي رهي آهي، ننڍن ننڍن ڇوڪرين جي عزت محفوظ ناهي. ظالم ماڻهو 4، 5 سال جي ننڍڙين نياڻين کي جنسي تشدد (Sexual violence) جو نشاڻو بڻائي ڪري بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيندا آهن. اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ!

اے خاصۂ خاصانِ رُسُل وقتِ دُعا ہے                                            امت پہ تری آ کے عجب وقت پڑا ہے

جو دین بڑی شان سے نکلا تھا وطن سے                                               پردیس میں وہ آج غریب الغربا ہے

جس دین کے مدعو تھے کبھی قیصرو کسریٰ                                     خود آج وہ مہمان سرائے فقرا ہے

پنهنجي نگاھن جي حفاظت ڪيو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! سوشل ميڊيا هر هڪ جي ضرورت بڻجي چڪو آهي، البته! ان جو صحيح استعمال ته اسان جي اختيار ۾ آهي، پهريان ته اها ڪوشش