Book Name:Hum Aur Social Media
وضاحت: گنھگارو! گناھن جي بخشش جو بهترين ذريعو درودِ پاڪ آهي، درودِ پاڪ پڙهڻ نه ڇڏجو، درودِ پاڪ جنّت جو رهنما آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. [1]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو!* رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس* اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس* جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بخاري شريف ۾ حديثِ پاڪ آهي، مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه، طيبه، طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي (خدمت ۾ خَمِيۡصه نالي هڪ خوبصورت ڊيزائن واري چادر پيش ڪئي وئي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) جن اها ويڙهي ڪري نماز ادا فرمائي، سلام ڦيرڻ