Book Name:Hum Aur Social Media
هڪ صحابيءِ رسول آهن: حضرت ابوطلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ. سندن جو هڪ باغ هو، هڪ ڀيرو اتي نماز ادا ڪري رهيا هئا.
يقيناً هي نفل نماز ئي هوندي، فرض نماز ته محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان باجماعت مسجد ۾ ادا ڪندا هئا. خير! پاڻ باغ ۾ نماز پڙهي رهيا هئا، اوچتو هڪ خاڪي رنگ جو ڪبوتر باغ مان اڏاميو ۽ ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي اُڏڻ لڳو۔
هي منظر نهايت حسين هو، حضرت ابوطلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي ان طرف توجھ هلي وئي، جنهن جي ڪري کين نماز جون رڪعتون ياد نه رهيون.
الله اڪبر! صحابي رسول جو جذبو ڏسو! پکي کي پاڻ نه اڏايو هيو، انهيءَ طرف توجُّھ وڃڻ ۾ سندن ڪو به قصور نه هو، پر اهو باغ سندن ئي جو هو۔
* نه اهو باغ هجي ها * نه پاڻ اتي نماز پڙهن ها * نه پکي اڏامي ها نه ان ڏانهن توجھ وڃي ها * نه نماز جون رڪعتون وسرن ها، يعني ايتري پري جي واسطن سان، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان، رڪعتون وسارڻ جو سبب هي باغ بڻيو هو، جيئن ته پاڻ فوراً بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هاڻي کان هي باغ صدقو آهي. (فیضانِ نماز)
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي باغ ڪيترو مهانگو هوندو...؟ پر ڇوته نماز ۾ خلل جو سبب ٿي ويو، تنهنڪري صدقو ڪيو ويو. اسان کان اهو مطالبو ته آهي ئي نه ته موبائل صدقو ڪئي وڃي، اهو به مطالبو ناهي ته موبائل پاڻ وٽ رکيو ئي نه وڃي ، صرف هي چيو ويندو آهي ته نماز جي وقت ان کي بند ڪري ڇڏيندا! يا گهٽ ۾ گهٽ سائيلنٽ تي ئي رکندا! ته جئين نماز ۾ خلل نه اچي پر افسوس! اسان کي ايتري به همت ناهي ٿيندي.