Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

يعني شراب ۽ جوا جا ظاهري طور تي ڪجھ فائدا به آهن پر انهن جو گناھ، انهن جي فائدن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي.

 مان هي نه ٿو چوان ته سوشل ميڊيا شراب وانگر حرام ۽ گناھ آهي. هي صرف سمجهائڻ جي لاءِ مثال عرض ڪري رهيو آهيان ته جهڙي طرح شراب ۽ جوا جا ظاهري طور تي ڪجھ فائدا آهن پر انهن جو گناھ فائدن کان تمام وڌيڪ آهي، ائين ئي سوشل ميڊيا جا فائدا به آهن پر انهن جي ذريعي گناھن ۾ پوڻ جا خطرا ۽ ان جا نقصان  تمام گهڻا آهن.

هڪ فڪر انگيز سوال

 سڀ کان وڏو نقصان ان جو هي آهي ته سوشل ميڊيا غفلت جو تمام وڏو سبب آهي. قرآن پاڪ ۾ الله پاڪ سڀني انسانن کان هڪ سوال پڇيو آهي، نهايت فڪر انگيز ۽ سوچڻ سمجهڻ جي لائق سوال آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا  الْاِنْسَانُ مَا غَرَّکَ بِرَبِّکَ الْکَرِیْمِ ۙ(۶)

ترجمو ڪنزُالعرفان: اي انسان! توکي ڪهڙي شيءِ پنهنجي ڪرم واري ربّ جي باري ۾ ڌوڪي ۾ وڌو آهي.

 (سيپارو: 30، سورة انفطار:6)

 هي سوال مون کان به آهي، اوهان کان به آهي، زيد، عَمرو، بڪر وغيره سڀني کان آهي، سڀني جي لحاظ سان ان جو جواب مختلف هوندو *  ڪنهن کي دنيا جي محبت الله پاڪ کان غافل ڪندي آهي *  ڪنهن کي مال جي طلب الله پاڪ کان غافل ڪندي آهي *  ڪنهن کي منصب جي چاهت الله پاڪ کان غافل ڪندي آهي *  ڪنهن کي فضوليات جي ڪثرت الله پاڪ کان غافل ڪندي آهي *  ڪنهن کي نفساني خواهشون الله پاڪ جي ياد کان غافل ڪنديون آهن *  ڪنهن کي حسد غافل ڪندو آهي *  ڪنهن کي بغض ۽ ڪينو غافل