Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون پنهنجو مٿو جهڪائي ڇڏي ها، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي مڃي ها پر...!! چوڻ لڳو: چلو ٺيڪ آهي...!! مان هن حديث کي گوگل (Google) تي سرچ (Search) ڪندس، پوءِ ڪو نتيجو ڪڍندس. ‌لَا‌حَوْلَ ‌وَلَا ‌قُوَّةَ إِلَّا بِااللہِ الْعَلِیِّ الْعَظِیْم...!! پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس جي ڳالھ آهي. سوشل ميڊيا، انٽرنيٽ وغيره علمِ دين سکڻ جا ذريعا ناهن.

علمِ دين ڪنهن کان سکون

 مسلم شريف ۾ آهي: هي علم توهان جو دين آهي، بَس غور ڪيو ته توهان دين ڪنهن کان سکي رهيا آهيو...!

 ڇا اوهان ڄاڻيو ٿا: اسان جي اسلاف (يعني بزرگانِ دين) مبارڪ حديثون ڪيئن جمع ڪيون آهن؟ ڪيتري محنت سان علمِ دين سکندا هئا؟ امام سُيوطي رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: حضرت ابو عباس مُستَغفري رحمةُ اللهِ عَلَيْه کي خبر پئي ته مصر ۾ حضرت ابو حامد مِصري رحمةُ اللهِ عَلَيْه حديثِ خالد بن وليد روايت ڪن ٿا ته پاڻ گهر ٻار ڇڏيائون، حديثِ خالد بن وليد ٻڌڻ جي لاءِ مصر پهتا، حضرت ابوحامد مصري  رحمةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ ويا، حديث ٻڌائڻ جو عرض ڪيائون ته پاڻ فرمايائون: پهريان هڪ سال جا روزا رکو، پوءِ ٻڌائيندُس. حضرت ابو عباس رحمةُ اللهِ عَلَيْه کي حديث ٻڌڻ جو ايڏو شوق هو جو پاڻ هڪ سال جا روزا رکيائون، پوءِ حاضر ٿيا ۽ حديث خالد بن وليد ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيائون.[1]

   هن طرح حديثون سکيون وينديون هيون، ايئن محنت ڪري علمِ دين ايندو آهي. اسان جي لاءِ نهايت آسان ذريعو ٿي ويو آهي، معاذَ الله! سوشل ميڊيا جا ٿي ڪري رهجي وياسين، الله پاڪ پناھ عطا فرمائي، *  هاڻي عُلماءِ ڪرام جي به ڪا ضرورت ناهي مدرسن جي به ڪا ضرورت ناهي بَس سوشل ميڊيا جي ذريعي اسان پاڻ ئي محقق (Researcher) بڻجي وينداسين. الله پاڪ جي پناھ!


 

 



[1]... جامع الاحادیث،جلد:19،صفحہ:405،حدیث:14922۔