Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

هي احتياط فرمايو ته جڏهن به موبائل هٿ ۾ کڻو، ان کان پهريان چڱي طرح ذهن بڻائي وٺو ته مان ڪهڙي مقصد جي لاءِ موبائل کڻي رهيو آهيان، پوءِ اهو ئي مقصد پورو ڪري موبائل رکي ڇڏيو! ان کان علاوه ٻيون ايپليڪيشنز وغيره نه کوليو!

(4): فيملي کي ٽائيم ڏيو!

  فيملي جي ٽائيم ۾ موبائل استعمال نه ڪيو! بلڪه هن وقت موبائل کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو! هي نهايت اهم پوائنٽ آهي. افسوس! جو سوشل ميڊيا جي ڪري ماڻهو پنهنجي فيملي کي، پنهنجي ٻارن کي پوري طرح وقت ناهن ڏيندا، ياد رکو! اسان جو پيارو دين اسلام اسان کي سوشل لائف (Social life) گذارڻ جي ترغيب ڏياري ٿو، يعني اسان کي گهرجي ته پنهنجي گهروارن، رشتيدارن ۽ عزيزن سان باقاعده سان وقت گذاريون، انهن کي ٽائيم ڏيندا ڪريون، انهن سان ويهندا ڪيون، ڳالهيون ڪندا ڪيون، انهن جا غم ٻڌندا ڪيون، انهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا ڪيون ۽ انهن سان چڱو سلوڪ ڪندي، نيڪين واري زندگي گذاريون.

(5): رياڪاري کان بچو!

   پنهنجون نيڪيون پاڻ تائين محدود رکو! انهن کي سوشل ميڊيا تي شيئر نه ڪيو! هي هڪ عام رجحان بڻجندو پيو وڃي ته ماڻهو سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي نيڪ ڪمن جي تشهير ڪندا رهندا آهن. ان ۾ رياڪاري ۾ ڦاسڻ جو سخت خطرو آهي، ان ڪري جيترو ٿي سگهي پنهنجي نيڪين کي لڪايو! انهن کي سوشل ميڊيا جي نذر نه ڪيو! صحابيءِ رسول حضرت شدّاد بن اَوۡس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان اُمت جي غمخوار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم