Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

تي ڪوڙ ٿي ويندو. ۽ جيڪو الله ۽ رسول تي ڪوڙ هڻندو آهي، اهو سڀ کان وڏو ظالم آهي. تنهنڪري قرآني آيتون ۽ حديثون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ ۾ 100 فيصد احتياط ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

 جنهن فيس بُڪ تي، يوٽيوب تي، انسٽاگرام يا واٽس ايپ (WhatsApp) وغيره تي غلط مسئلو پوسٽ ڪري ڇڏيو هجي ته ان کي گهرجي ته فوراً ان جو ازالو ڪري، مثال طور ڪا اهڙي تحرير لکي ته فلاڻي ڏينهن فلاڻي پوسٽ ڪئي هئي، ان ۾ هيءَ ڳالھ غلط هئي، صحيح هي آهي، تنهنڪري مان پنهنجي غلطي کان توبھ ۽ رجوع ڪيان ٿو.

 الله پاڪ اسان کي سوشل ميڊيا جي تباھ ڪارين کان محفوظ فرمائي ۽ ان جي سهولت جو صرف ۽ صرف درست ۽ نيڪ استعمال ئي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 

دعوتِ اسلامي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو مثبت استعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته جتي سوشل ميڊيا جي غلط استعمال نقصان جا نقصان آهن، اتي ئي ان جو صحيح استعمال نيڪين جي حصول جو ذريعو به آهي. الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ، دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي دينِ متين جي خدمت ۾ مشغول آهي. * انهن شعبن مان هڪ سوشل ميڊيا ڊپارٽمنٽ به آهي، جيڪو مختلف پليٽ فارمز مثلاً، * يوٽيوب، * فيس بڪ، * انسٽاگرام وغيره ذريعي عاشقانِ رسول کي *  الله پاڪ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي حڪمن جو پابند بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. *  ان سان گڏوگڏ صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيت اطهار رَضِىَ اللهُ عَنْهُم