Book Name:Hum Aur Social Media
مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَ مَا طَغٰی (۱۷)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اک نه ڪنهن طرف ڦري ۽ نه حد کان وڌي
(سيپارو: 27، سورة نجم: 17)
يعني دل پاڪ جي توجھ هٽڻ ته پري جي ڳالھ...!! ظاهِري اک مُبارَڪ تي به ڪو اَثر نه ٿيو۔ معلوم ٿيو؛ جن جي توجُّھ مُبارَڪ تي جنّت جا حسين نظارا به اَثر نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ هڪ معمولي چادر سندن توجُّھ کي ڪيئن هٽائي سگهندي.
هيءَ چادر مُبارَڪ پاڻ کان پري فرمائڻ اصل ۾ اسان جي تعليم لاءِ هو، اسان غلامن کي هڪ سبق ڏنو پئي ويو.
اسان غلامن کي هڪ سبق ڏنو پئي ويو، ڄڻ اسان کي سمجهايو ويو ته اي منهنجا غلامؤ! الله پاڪ جي ياد کان غافل ڪرڻ واريون شيون ته هڪ پاسي رهجي ويون، جيڪا شيءِ هن جي ياد ۾ رڪاوٽ وجھي، توهان ان شيءِ کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيندا ڪيو!
کچھ ایسا ہو کرم ماہِ رسالت یارسولَ اللہ! کروں اللہ کی دل سے عبادت یارسولَ اللہ!
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيڏي
پياري ڳالھ آهي * ڊيزائن واري چادر ٺاهڻ به
جائز * ان کي خريد ڪرڻ به جائز * ان کي ويڙهڻ به جائز * ان کي ويڙهي ڪري نماز پڙهڻ به جائز، ان جي
باوجود سيرتِ مصطفيٰ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو درس هي آهي ته اهڙي چادر جيڪڏهن نماز
۾ رڪاوٽ وجهندي هجي ته ان کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏڻ گهرجي.