Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
حيدرآباد (سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: هڪ ڀيري عاشقانِ رسول جو مدني قافلو حيدرآباد کان ٽنڊو آدم پهتو. مدني قافلي جي عاشقانِ رسول 3 ڏينهن نيڪي جي خوب دعوت پيش ڪئي. آخري ڏينهن، هڪ غير مسلم شخص مسجد جي ٻاهران آيو ۽ اميرِ قافلا سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. اميرِ قافلا اسلامي ڀاءَ مسجد کان ٻاهر آيو، مسڪرائيندي ۽ پُرجوش انداز ۾ ان غير مسلم سان ملاقات ڪئي. ان غير مسلم چيو: اسلام انتهائي پاڪ دين آهي، جيڪو امن ۽ سلامتي جو درس ڏئي ٿو، پر مان مسلمان نه آهيان.
ان تي اميرِ قافلا اسلامي ڀاءُ کيس سمجھايو ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني .الحمدُ لله !اهو غير مسلم ساڳئي وقت ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ، ان نئين مسلمان(New Muslim) خواهش ظاهر ڪئي ته منهنجي گھر وارن کي به سمجھايو وڃي، اميد آهي ته توهان جي سمجھائڻ سان اهي به مسلمان ٿي ويندا.
جيئن ته انهن جي خواهش تي، مدني قافلي وارا عاشقانِ رسول ان جي گھر ويا. ان جي گھر وارن (جيئن ته والد، چاچي، ڀائرن وغيره) کي سمجھايو ۽ اسلام جي دعوت ڏني. الحمدُ لله! محنت رنڱ لاتو ۽ ان گھر جا 9 ڀاتي اسلام جي دامن سان وابسته ٿي ويا.
بعد ۾ اميرِ قافلا اسلامي ڀاءُ مسلمان ٿيڻ واري شخص کان پڇيو: توهان دين اسلام بابت نرم رويو رکندا هئا، پوءِ توهان ايترو عرصو مسلمان ڇو نه ٿيا؟ان نئين مسلمان (New Muslim) اسلامي ڀاءَ چيو: مون اسلام جي باري ۾ جيڪو ڪتابن ۾ پڙهيو هو، اهو ظاهر ۾ نظر نه ايندو هو. جڏهن توهان جو مدني قافلو آيو ته مون کي ڪتابن ۾ بيان ٿيل اسلام جي هلندڙ ڦرندڙ تصوير توهان ۾