Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

ڪجھ ضروري اعلانات

* هر هفتي اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به رات جي وقت مدني چينل تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جوابَ به عنايت فرمائيندا. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به هن جي دعوت ڏين. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”غيبت جون تباھ ڪاريون مان مدني گُل“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي لاءِ ٻين کي به شئير (Share) ڪيو!

* ننڍي عُمر ۾ قرآن حفظ ڪرڻ وارا، 20 سال جي عُمر ۾ تمام علوم حاصل ڪري عالم بڻجڻ وارا ۽ ڪيئي خصوصيتن وارا الله پاڪ جا ولي حضرت احمد ڪبير رِفاعي رحمةُ اللهِ عَلَيْه جي سيرت جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ رسالو شانِ احمد ڪبير رفاعي، 12 روپين ۾ مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان قيمت ڏئي طلب ڪيو، پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                       صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون