Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
حديث پاڪ ۾ آهي: نِیَّۃُ الْمُؤْمِنِ خَیْرٌ مِّنْ عَمَلِہ مومن جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.[1]
اي عاشقان رسول! سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو ته ! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، نيت ڪيو! *رضاءِ الٰهي جي لاء بيان ٻڌندس * باادب ٿي ويهندس * نهايت توجھ سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
پيارا اسلامي ڀائر! هجري ڪيلينڊر جي مطابق پنجون اسلامي مهينو جمادي الاولي هلي رهيو آهي،17 جمادي الاولٰي تي امام ابن امام ، عالم ابن عالم، مفتي ابن مفتي، ولي ابن ولي يعني شهزاده اعلي حضرت،جانشين اعلي حضرت شاه حامد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عرس مبارڪ ٿيندو آهي ۽۽ 19 جمادي الاولٰي تي پنهنجي وقت جي وڏي امام، عظيم محدث، مفسر، عالم، قاري، مفتي، وڏي عاشق رسول، ولي ڪامل امام عبدالرحمان جلال الدين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عرس مبارڪ ٿيندو آهي.
یَسْــٴَـلُوْنَكَ عَنِ السَّاعَةِ اَیَّانَ مُرْسٰىهَاؕ-
آيت: ترجمو ڪنزُالعرفان: اوهان کان قيامت جي باري ۾ سوال ڪن ٿا ته ان جي قائم ٿيڻ جو وقت ڪڏهن آهي؟ (سيپارو: 9، سورة اعراف: 187)