Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

ماءُ پيءُ کي ستائڻ

   قربِ قيامت جي هڪ ٻئي نشاني ٻڌو! هڪ ڀيري جبريلِ اَمين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم انساني شڪل ۾ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، پاڻ  پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان ڪجھ سوال پڇيا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جا جواب ارشاد فرمايا، انهن مان هڪ سوال هي پڇيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت جون ڪجھ نشانيون ٻڌائيندا! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ نشاني ٻڌائيندي فرمايو:اَنْ تَلِدَ الْاَمَۃُ رَبَّتَہَا يعني قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني هيءَ به آهي ته عورت پنهنجي آقا کي ڄڻيندي.

   عالم سڳورن ان جو هڪ مطلب هي ٻڌايو آهي ته قربِ قيامت ۾ ماءُ پيءُ جو قدر بلڪل نه رهندو، اولاد پنهنجي ماءُ تي ائين حڪم هلائيندو، جيئن آقا پنهنجي غلامن تي حڪم هلائيندو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جي هيءَ نشاني به تقريباً پوري ٿي چڪي آهي. افسوس! هاڻي ماڻهو ماءُ پيءُ جو قدر تمام گهٽ ڪندا آهن * ماءُ پيءُ پوڙها ٿي وڃن ته نافرمان اولاد کي بار لڳندا آهن * اهڙا نادان به آهن، جيڪي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري جنّت جا حقدار بڻجڻ جي بدران انهن کي اولڊ هائوس ۾ ڇڏي ايندا آهن. ان کان علاوه * ماءُ پيءُ کي گاريون ڏيڻ * انهن تي حڪم هلائڻ ٿوري ٿوري ڳالھ تي انهن جي سامهون دانهون ڪرڻ * رڙيون ڪرڻ * انهن کي دڙڪا ڏيڻ، * ڌِڪا ڏيڻ، هي ته تمام عام ڳالهيون آهن ڪڏهن ڪڏهن چڱا ڀلا پڙهيل لکيل به والدين کي جهالت جا طعنا ڏيندي نظر ايندا آهن، بابا اوهان کي ڪهڙي خبر، امان اوهان کي ڪهڙي خبر، زمانو مٽجي ويو آهي، عام طور تي اهڙيون ڳالهيون اولاد ڪري رهيو هوندو آهي. ان کان علاوه به ڪيئي طرح سان ماءُ پيءُ جي بي ادبي ڪئي ويندي آهي، ايستائين جو والدين تي تشدد جا واقعات به اخبارن ۾ ڇپجندا رهندا آهن بلڪه هاڻي ته اهڙا به نافرمان آهن جو