Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
هڪ اسلامي ڀاء جي بيان جو خلاصو آهي: ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان طرح طرح جي گناهن ۾ مبتلا هيس، قسمت جو تارو ايئن چمڪيو جو منهنجي وڏي ڀاءَ اسلامي ڀائرن جي نيڪي جي دعوت تي 63 ڏينهن جي مدني تربيتي ڪورس ۾ داخلا ورتي. تربيتي ڪورس ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ڀاءُ گهر تشريف کڻي آيو ته سڀئي گهر وارا اهو ڏسي ڪري حيران ٿي ويا ته هُو بلڪل بدلجي چڪو هو، سنتن ڀريو لباس، مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجايل هو. مان ان جي اخلاق ۽ ڪردار سان ڏاڍو متاثر ٿيس. اَلحَمۡدُلله! منهنجي ڀاءَ مون کي به نيڪي جي دعوت ڏني ۽ مون کي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويو. ڀاءَ جي سمجهائڻ تي مون به 63 ڏينهن جي مدني تربيتي ڪورس ۾ داخلا (Admission) ورتي، جنهن ۾ شريعت جا بيشمار مسئلا، سنتون ۽ دعائون سکڻ جو موقعو مليو. مون تي منهنجي ربّ ڪريم جو ڪروڙين احسان آهي جو جنهن پنهنجي حبيب جي صدقي دعوت اسلامي جو پيارو پيارو ماحول عطا فرمايو.[1]
عطائے حبیبِ خدا دِینی ماحول ہے فیضانِ غوث و رضا دِینی ماحول
اگر سنَّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ تم آجاؤ دیگا سکھا دِینی ماحول([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد