Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
۾ *ويٺل شخص بيٺل کان * بيٺل، هلڻ واري کان * هلڻ وارو، ڊوڙڻ واري کان بهتر هوندو.[1]
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ پاڪ ۾ ٻڌايو ويو ته فتنن جي ڪثرت قيامت اچڻ جي نشاني آهي، هاءِ! هيءَ نشاني هاڻي پوري ٿيندي نظر اچي رهي آهي، هاڻي اهو زمانو آهي جو هر پاسي فتنا ئي فتنا اُٿي رهيا آهن * ڪو فتنو مشرق کان اٿندو آهي * ڪو مغرب کان اٿندو آهي * ڪٿي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي بي ادبي جو فتنو آهي * ڪٿي انبياءِ ڪرام جي شان ۽ اولياء جي شان کي گهٽائڻ جون ناپاڪ ڪوششون جاري آهن * غير مسلم پوري طرح مُسلط ٿي چڪا آهن * سوشل ميڊيا پنهنجي جڳھ تباهي مچائي رکي آهي * اهي فتنا جيڪي پهريان ڪنهن شهر ۾ ٿيندا هئا، پکڙجڻ کان پهريان ئي ختم ٿي ويندا هئا، هاڻي سوشل ميڊيا جي ڪري هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ٿيڻ وارو فتنو ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ دنيا ڀر ۾ ڦهلجي ويندو آهي ۽ اسان ان کان غافل آهيون.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن دور جي تقاضن کي سمجهو! هي فتنن جو دور آهي، هن وقت جو وڏو ڪارنامو هي آهي ته ماڻهو پنهنجو ايمان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. تنهنڪري پوري سنجيدگي سان هن تي توجھ ڏيو! پاڻ کي فتنن کان بچايو! ۽ ايمان جي حفاظت ۾ لڳل رهو!
بخاري شريف ۾ حديثِ پاڪ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: عنقريب هڪ زمانو ايندو ان ۾ مسلمان جو بهترين مال ٻڪري هوندي،