Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
انهن جي خدمت ڪيو، انهن جون دعائون وٺو، الله پاڪ دنيا جون پريشانيون به دور فرمائي ڇڏيندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبر ۽ آخرت جي امتحان کان به نجات ملي ويندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
مسجدن ۾ دنياوي ڳالهيون ٿينديون
پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني هيءَ به آهي ته قربِ قيامت مسجدن ۾ دنياوي ڳالهيون ڪيون وينديون. جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: هڪ زمانو اهڙو ايندو يَكُوْنُ حَدِيْثُهُمْ فِیْ مَسَاجِدِهِمْ فِیْ اَمْرِ دُنْيَاهُمْ ڪجھ ماڻهو مسجدن ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪندا، توهان انهن سان گڏ نه ويهو جو الله پاڪ کي انهن کان ڪجھ ڪم ناهي.[1]
مشهور مُفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْه ان حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني الله پاڪ انهن تي رحم نه ڪندو، نه ته ربَّ کي ڪنهن ٻانهي جي ضرورت ناهي، هو ضرورتن کان پاڪ آهي.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! بدقسمتي سان مسجد ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪرڻ عام ٿيندو پيو وڃي، افسوس! علمِ دين جي دوري جي باعث اڄڪلھ مسجد ۾ ويهي ڪري انتهائي بيباڪي ۽ غير سنجيدگي سان نه صرف دنياوي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن بلڪه ڄاڻي واڻي ڪيئي اهڙا ڪم ڪيا ويندا آهن جيڪي آدابِ مسجد جي خلاف هوندا آهن. غور ته ڪيو! مسجد ۾ دنياوي ڳالهيون ڪرڻ وارا ڪيڏا بد نصيب آهن جو نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻين کي انهن جي صحبت اختيار ڪرڻ کان منع فرمائي ڇڏيو.