Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. [1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                                                                                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

وعدي جي پابندي سُنت آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جيڪو وعدو پُورو نٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان ناهي۔[2]  (2): جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ سان وعدو خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي۔[3] 

اي عاشقانِ رسول!  وعدو پورو ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ بلڪ سُنّتِ انبياء آهي. * اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وعدي جا گھڻا پَڪا هئا ۽ * وعدو ٽوڙڻ کي تمام ناپسند ڪندا هئا۔ * اِعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو مان اجھو ٿو موٽان، اهو شخص هليو ويو پر واپس اچڻ وسري ويس، ٽن ڏينهن کان پوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن اهو انهيءَ هنڌ پهتو ته اهو ڏسي حيران رهجي ويو ته رسول اڪرم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوُجود اتي ئي بيٺا آهن ۽ مَاشَآءَ الله! شفقت ۽ رَحمت ۽ حُسنِ اَخلاق ڏسو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ڌڙڪا ڪونه ڏنا، ڪاوڙ نه ڪئي، بَس ايترو فرمايائون: اي شَخص! تو مون کي مشقت ۾ وجھي ڇڏيو.[4] الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ سرڪار تي عمل ڪندي وعدو  پُورو  ڪرڻ وارو بڻائي۔ 

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] (مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب: الايمان، جلد:7صفحہ:223)

[3] (بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179)

[4] (اَبُو داؤد، کتاب: ادب، باب: وعدہ، صفحہ:781، حدیث:4996)