Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
وَ مِنْهُمْ اُمِّیُّوْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ الْكِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن مان ڪجھ اڻ پڙهيل آهن جيڪي ڪتاب کي نٿا ڄاڻن پر زبان پڙهڻ يا ڪجھ پنهنجي من گهڙت ۽ اُهي صرف خيال ۽ گمان ۾ پيل آهن.
(پارہ:2، سورۂ بقرہ:78)
خبر پئي ته ڪتاب کان جاهل هجڻ، مثلاً * قرآن ڪريم نه سکڻ. * حديثون نه سکڻ. * عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جي ڪتابن بدران ٻُڌل ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ. * انهي کي علم ۽ تحقيق جو معيار بڻائي وٺڻ. هي به هڪ قسم جي جهالت آهي، جيڪا گمراهي جو سبب بڻجندي آهي. اڄ اها ڳالھ عام آهي. دين سڄي جو سڄو عربي زبان ۾ آهي، پر حالت اهڙي آهي جو عربيءَ جو الف، باء به ناهي ايندو، قرآن ڪريم جيڪو عربي زبان ۾ آهي، اهو پڙهڻ به نه ايندو آهي، حديثون جيڪي عربي زبان ۾ آهن، اهي پڙهڻ ئي ناهن اينديون. ماڻهو بس سوشل ميڊيا تان ڳالهيون ٻڌي ڪري علماءِ ڪرام جي خلاف ٿي ويندا آهن،قرآن ۽ حديث جون اهڙيون غلط تشريحون ڪندا آهن، جو اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ...!!
انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته ڪتابي علم سکڻ طرف اچون، ڪتاب پڙهون. علماءِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضر ٿيون، انهن کان باقاعده طور تي علمِ دين سکون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! علمِ دين جون برڪتون نصيب ٿينديون.
الحمد لله! دعوتِ اسلامي اڄوڪي دور ۾ علمِ دين عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، * مدرسة المدينه جي ذريعي قرآنِ ڪريم حفظ ۽ ناظرہ جي تعليم عام ٿي رهي آهي، اهڙي طرح * جامعة المدينه * فيضان آن لائن اڪيڊمي* هفتيوار مدني مذاڪرو* مدني قافلا وغيره عِلمِ دين سکڻ جا بهترين ذريعا آهن. انهن ذريعن مان هڪ ذريعو هفتيوار رسالي جو مطالعو پڻ آهي. اميرِ اهلِ