Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
قيامت جو علم ڇو پوشيده رکيو ويو
پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت ڪڏهن ايندي؟ ان جو درست وقت ته الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو يا ان جي عطا سان ان جا پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڄاڻين ٿا * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت اچڻ جو ڏينهن به ٻڌايو آهي ته جمعي جي ڏينهن ايندي * تاريخ به ٻڌائي آهي * مهينو به ٻڌايو آهي ته محرم الحرام جو مهينو هوندو* 10 تاريخ هوندي. هڪ شيءِ جيڪا نه ٻڌائي وئي، اها آهي: سال. سَن نه ٻڌايو ته فلاڻي سَن ۾ قيامت ايندي، الله جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڄاڻيندا هئا پر نه ٻڌايائون ان ڪري ته جيئن اسان هر وقت ان کان ڊڄندا رهون ۽ ان جي تياري ۾ مصروف رهون.
ها! قيامت اچڻ جون کوڙ نشانيون آهن، جيڪي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ٻڌايون آهن، اچو! قيامت جون ڪجھ نشانيون ٻڌون ٿا ۽ انهن مان اسان کي عبرت حاصل ڪرڻي آهي، انهن حديثن ۾ جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اسان کي قيامت جي تياري جي سلسلي ۾ انهن ڪمن کان بچڻو آهي. اچو! حديثون ٻڌون ٿا:
صحابيءِ رسول حَضرت ابو موسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: قيامت کان پهريان فتنا ايئن ظاهر ٿيندا، جيئن رات جي اونداهي ڇائنجي ويندي آهي، ان وقت ماڻهو صبح جو مومن پر شام جو ڪافر هوندو، شام جو مومن ۽ صبح جو ڪافر هوندو، ان دور