Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

(2)  علم کڄي  ويندو

بخاري شريف ۾ حديث آهي، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قيامت جي نشاني مان هڪ نشاني هيءَ آهي ته علم کڄي ويندو ۽ جهالت عام ٿي ويندي.

پيارا اسلامي ڀائرو!  قيامت جي هيءَ نشاني به اڄ جي دور ۾ پوري ٿيندي نظر اچي رهي آهي. افسوس! اڄ جي زماني ۾ معلومات جي ته ڪثرت آهي، پر * حقيقي علم *ڪتابي علم * تحقيقي علم، جيڪو * قرآن ۽ سنت مان سکيو وڃي. *حديثون پڙهي سکيو وڃي. * عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جون ڪتابون پڙهي سکيو وڃي. افسوس! اهڙي علم جي اڄڪلھ ڏاڍي گهٽتائي آهي. اُنهيءَ مان اندازو لڳايو ته اڄ جو نوجوان دين سکڻ لاءِ * نه قرآن ڪريم پڙهندو آهي. نه تفاسير  پڙهندو آهي. * نه حديث جي ڪتابن جو مطالعو ڪندو آهي. * نه ديني ڪتاب پڙهندو آهي. بلڪ دين سکڻ لاءِ ديني لٽريچر کي ڇڏي، سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رهيو آهي. پوءِ سوشل ميڊيا ته سوشل ميڊيا آهي، هتي هر قسم جا بازار لڳا پيا آهن. جنهن جي دل ۾ جيڪو اچي رهيو آهي، اهو ڳالهائي رهيو آهي. ان جو نتيجو  ڇا آهي؟ ڪتابي علم ختم ٿيندو پيو وڃي. *      غير معياري معلومات عام ٿيندي پئي وڃي.

ڪتابي علم جو نه هجڻ به وبال آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو!  ڪتابي علم جو نه هجڻ ۽ صرف ٻُڌل ڳالهين تي يقين ڪري ويهي رهڻ، هي وڏي بيماري آهي.

بني اسرائيل ۾ جيڪي ماڻهو گمراهه ٿيا، اُنهن کي ايمان نصيب نه ٿيو، ان جو هڪ سبب قرآنِ ڪريم ۾ هيءُ به بيان ٿيو آهي: