Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

هن سوال جو جواب الله پاڪ ڇا ڏنو، ٻڌو!

لَا تَاْتِیْكُمْ اِلَّا بَغْتَةًؕ-

آيت: ترجموڪنزُالعرفان: توهان تي اها اوچتو ئي ايندي.

 (سيپارو: 9، سورة اعراف: 187)

معلوم ٿيو: قيامت ڪڏهن ايندي؟ قيامت اوچتو ايندي، ان گهڙيءَ ايندي جو ماڻهن کي وهم ۽ گمان به نه هوندو.

قيامت اچڻ جو   هولناڪ منظر

 اڄڪلھ سائنس ترقي ڪئي آهي * عام طور تي ڪيئي شين جي پيشن گوئي ڪئي ويندي آهي * محڪمه موسميات ٻڌائيندو آهي ته فلاڻي وقت مينهن اچڻ جا امڪانات آهن * فلاڻي فلاڻي ڏينهن طوفان اچي سگهن ٿا * فلاڻي ڏينهن سامونڊي طوفان ايندو * فلاڻي ڏينهن فلاڻي وقت سج گرهڻ ٿيندو. پر عنقريب ڪائنات جو سڀ کان وڏو حادثو پيش اچڻ وارو آهي * ڪا سائنس * ڪا ٽيڪنالوجي * ريڊار * سٽيلائٽ وغيره وغيره ڪابه شيءِ هن حادثي جو اڳواٽ اشارو نه ڏيندي، * ماڻهن جي وهم ۽ گُمان ۾ به نه هوندو جو * اوچتو بلڪل اوچتو سج ۽ چنڊ بي نور ٿي ويندا * تارا مينهن جيان زمين تي ڪِرڻ لڳندا* وڏا وڏا سيارا پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباھ ٿي ويندا * ۽ زمين شديد ترين زلزلي سان ڌُٻي پوندي.

حديثِ پاڪ ۾ آهي: 2 ماڻهو بازار ۾ هوندا، هڪ ڪپڙو خريد ڪري رهيو هوندو، ٻيو وڪڻي رهيو هوندو، دڪاندار ڪپڙو کولي ڪري ڏيکاري رهيو هوندو، اڃان هي سودو ڪري نه سگهندا، ڪپڙي کي واپس ويڙهي نه سگهندا ته قيامت اچي ويندي. وڌيڪ ارشاد ٿيو: هڪ ماڻهو ويهي کاڌو کائي رهيو هوندو،