Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
اهو گِرھ ڀڃندو، اڃان وات تائين نه کڻي ويندو ته اوتري ۾ اوچتو قيامت قائم ٿي ويندي. (خازن) يعني قيامت ايترو جلدي ايندي، پهريان کان ڪا پيشن گوئي نه ٿيندي، ڪو اشارو نه هوندو، ماڻهو قيامت کان بي فڪر، دنيا جي لذتن ۾ مست هوندا ته هڪڙي سيڪنڊ ۾ هي عظيم ۽ خوفناڪ حادثو ٿيندو ۽ قيامت قائم ٿي ويندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان معلوم ٿيو ته قيامت اچڻ جي هڪ بنيادي نشاني غفلت آهي، قيامت ان وقت ايندي، جڏهن ماڻهو ان کان بلڪل غافل هوندا، پنهنجي دنيا ۾ مصروف، دنياوي لذتن ۾ مگن ۽ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن ڪمن ۾ مصروف هوندا، قيامت ڏانهن ڪنهن جي توجھ ئي نه هوندي، ان وقت قيامت اچي ويندي.
هاءِ! افسوس! اڄ جيڪڏهن اسان غور ڪيون ته قيامت جي هيءَ نشاني ڪافي حد تائين پوري ٿيندي نظر اچي رهي آهي، هاءِ افسوس! هاڻي قبر ۽ آخرت ۽ قيامت کان غفلت نهايت عام آهي، هاڻي اسان دنيا ۾ ائين رهندا آهيون، ڄڻ اسان کي ڪڏهن مرڻو ئي ناهي، هتان کان وڃڻو ئي ناهي، قيامت اچڻي آهي، ضرور اچڻي آهي، اچي ڪري ئي رهندي، اسان سڀئي هي ڄاڻون به ٿا، مڃيون به ٿا، ان جي باوجود غفلت ڇانيل آهي، صبح اٿڻ کان وٺي ڪري رات سمهڻ تائين بس دنيا، دنيا ۽ دنيا جو ئي فڪر آهي، قيامت جي متعلق ته خيالَ به ناهن ايندا، ايئن سڄو ڏينهن راند روند ۾ گذاري ڪري غفلت جي ننڊ سمهي رهندا آهيون. اعليٰ حضرت رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
دن لَہْوْ میں کھونا تجھے، شب صبح تک سونا تجھے شرمِ نبی، خوفِ خدا، یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں([1])