Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
ماپ تور ۾ گهٽ وڌائي ڪئي ويندي آهي. * ملازم ايمانداري سان ڪم ناهن ڪندا. * ڪوڙ ڳالهائي * ڪوڙيون قسمون کائي ڪري پنهنجو سودو وڪڻيو ويندو آهي ۽ اُن تي وڏي جرئت سان چوندا آهن: ميان! سچ جو زمانو ناهي رهيو، هاڻي ڪوڙ کان سواءِ ڪاروبار نٿو هلي.
لَاحَوْلَ
وَلَا قُوَّةَ اِلَّا بِاللَّهِ! ڪوڙو جنهن تي الله پاڪ جي لعنت وسندي آهي، ڇا معاذالله! اُن کي رزق ملندو آهي، سچ ڳالهائڻ واري کي نه ملندو؟ الله پاڪ اسان کي
هدايت نصيب فرمائي. حلال کاڌو انتهائي ضروري آهي. هي ڳالھ ياد رکو! ته ٻانهي جي
دين جو بنياد حلال لقمي تي آهي. جنهن جو کاڌو حلال ٿيو *ان جون دعائون به
قبول ٿينديون آهن* عبادت ۾ لذّت به ايندي آهي
* نيڪين جي توفيق به ملندي آهي* دل ۾ نُور به ايندو
آهي ۽ مال ۾ برڪت به نصيب ٿي ويندي آهي.
مُلا جِيون رحمةُ اللهِ عَلَيْه هند جا هڪ وڏا عالم گذريا آهن، مُغليه سلطنت جي بادشاھ اورنگزيب عالمگير جا استاد هئا. هڪ ڀيري اورنگزيب عالمگير رحمةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي استاد صاحب جي دعوت ڪئي، گهر گهرايائون، نهايت عزت سان پيش آيا. ھاڻي بادشاھ ته بادشاھ هوندا آهن، انهن وٽ مال دولت جي ڪهڙي ڪَمي هوندي آهي، چاهين ها ته استادِ محترم جي خدمت ۾ وڏي رقم به پيش ڪري سگهيا پئي پر بادشاھ عالمگير استاد جي خدمت ۾ صرف ٻه آنن جو سڪو پيش ڪيو. ٻه آنا مطلب: هڪ روپئي ۾ 16 آنا هوندا آهن، ايئن 1 روپئي جو اٺون حصو ٻه آنا چورائيندو.
ان واقعي کي ڪجھ سال گذري ويا، بادشاھ سلامت پنهنجي حڪومتي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويا، مُلا جِيون رحمةُ اللهِ عَلَيْه مدرسي ۾ پڙهائي رهيا هئا. تقريباً 12 کان 14 سالن کان بعد بادشاھ عالمگير رحمةُ اللهِ عَلَيْه کي خبر ملي ته سندن استاد ته