Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
”نعت ڪوليڪشن “(Naat Collection) موبائل ايپليڪيشن
اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اسمارٽ فون (Smartphone) جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرفان هڪ ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي: جنهن جو نالو آهي: Naat Collection (نعت ڪليڪشن) * هن ايپلي ڪيشن ۾ اعليٰ حضرت امام احمد رضا، مولانا حامد رضا خان، مفتيءِ اعظم هند، مولانا حسن رضا خان، مولانا جميل رضوي، مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم ۽ امير اهل سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪلامن کي شامل ڪيو ويو آهي * هر ڪلام جي مجموعي ۾ ڪلامن کي حرف تهجي ۽ رديف جي ترتيب تي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته سرچ بار مان پنهنجي مطلوبه رديف جي ترتيب تي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته سرچ بار مان پنهنجو مطلوبه ڪلام آساني سان ڳولهي سگهجي ٿو *مخلتف ڪلامن کي ويڊيو/ آڊيو ٻڌي ۽ فري ۾ ڊائون لوڊ به ڪري سگهو ٿا. * پسنديده ڪلام کي نشان لڳائي ڪري باربار ٻڌي سگهجي ٿو*اوهان پنهنجي پسنديده ڪلام کي مائي ڪليڪشن فيچر ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا * جڏهن ته ڪلام يا شعر کي ڪاپي ڪري واٽس ايپ، فيس بڪ، ٽويٽر وغير تي آساني سان شيئر ڪري سگهو ٿا. هن ايپليڪيشن کي پاڻ به ڊائون لوڊ ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد