Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هرهفتي مدني مذاڪري ۾ هڪ رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، مختصر، معلوماتي ۽ تحقيقاتي رسالو هوندو آهي، سولي اردو ۾ لکيو ويندو آهي. اُن ۾ هرهر ڳالهه جو حوالو لکيو ويندو آهي. الحمد لله! دنيا جا لکين عاشقانِ رسول اهو رسالو پڙهڻ يا آڊيو ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. توهان به هفتيوار رسالو پڙهڻ جي عادت بڻايو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! علمِ دين سکڻ جي  سعادت نصيب ٿيندي.

لوٹنے رحمتیں قافِلے میں چلو                                                                                                 سیکھنے سنتیں قافِلے میں چلو

علم حاصل کرو جَہْل زائل کرو                                                                                              پاؤ گے راحتیں قافِلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حلال ۽ حرام  جي معاملي ۾ بي پرواهي

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ماڻهن تي هڪ اهڙو دور ايندو جو ماڻهو کي هن ڳالھ جي ڪا پرواهه نه هوندي ته ان (مال) ڪٿان حاصل ڪيو حرام ذريعي سان يا حلال ذريعي سان. [1]

مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث جي شرح ۾ لکن ٿا: يعني آخري زماني ۾ ماڻهو دين کان بيپرواهه ٿي ويندا، پيٽ جي فڪر ۾ هر طرح کان ڦاسي پوندا، آمدني وڌائڻ، مال جمع ڪرڻ جي فڪر، هر حلال ۽ حرام وٺڻ تي دلير ٿي ويندا جيئن اڄڪلھ عام ٿي رهيو آهي.[2]

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو دور واقعي اچي چڪو آهي. اڄڪلهه حلال ۽ حرام جي پرواهه آڻ لڀ آهي. * سُودي ڪاروبار عام ٿي ويو آهي. * رشوت عام آهي. *


 

 



[1] بخاری، کتاب البیوع، باب من لم یبالی من حیث...الخ، صفحہ:538، حدیث:2059۔

[2] بخاری، کتاب البیوع، باب من لم یبالی من حیث...الخ، صفحہ:538، حدیث:2059۔