Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

ته جيئن ٻڪريون ڪاهي جبلن ۽ بارش جي جڳهن ڏانهن نڪري وڃي ۽ فتنن کان پنهنجو ايمان بچائي وٺي.[1]

 پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ اسان کي فتنن کان بچڻ جي ترغيب ڏياري وئي آهي ته جڏهن فتنا پکڙجي وڃن، ماڻهوءَ کي دين بچائڻ مشڪل ٿي وڃي، اهڙي وقت ۾ مومن ٻانهي کي گهرجي ته انهن فتنن کان جُدا ٿي وڃي، مثلاً 4 ٻڪريون ڪاهي غارَن ڏانهن نڪري وڃي، اتي ئي ٻڪريون چاري، انهن جي کيرَ تي پنهنجو گذارو ڪري ۽ پنهنجو ايمان بچائي وٺي.

   هاڻي ڏسو! اسان کي تعليم ته هيءَ ڏني وئي آهي ته فتنن جي وقت پاڻ کي انهن فتنن کان پري رکو! انهن جي ويجهو به نه وڃو! پر افسوس! اسان جو حال بُرو آهي، اسان وٽ ته هيءَ سوچ لڌي ويندي آهي ته ٻڌو سڀني جي، ڪيو پنهنجي، هي نهايت خطرناڪ سوچ آهي، اسان کي فتنن کان بچڻ جو حڪم آهي، هي ناهي ته پاڻ وڃي ڪري انهن فتنن جي نذر ٿي وڃون، خوب توجھ سان انهن فتنن جون ڳالهيون ٻڌون ۽ پنهنجو ايمان برباد ڪري ويهون، ان ڪري پيارا اسلامي ڀائرو! ايمان بچائڻو آهي ته فتنن کان پري رهو! بَس الله ۽ رسول جي احڪامن تي عمل ڪيو! جيستائين ٿي سگهي نيڪي جي دعوت عام ڪيو! حلال رزق ڪمايو! ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن سان گهر ۾ رهو! سوشل ميڊيا به فتنن جو هڪ گهر آهي، ان کان به جيستائين ٿي سگهي بچندا رهو!
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان پنهنجو ايمان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

ايمان بچائڻ جو  ذريعو

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن فتنا پکڙيل هجن اُن وقت اسان کي پنهنجو ايمان ڪيئن بچائڻو آهي؟ ان حوالي سان هڪ ٻي حديث شريف ٻڌو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:  الله پاڪ مسافرن سان محبت ڪندو


 

 



[1] بخاری، کتاب الایمان، باب من الدین الفرار من الفتن، صفحہ:75، حدیث:19ملتقطاً۔