Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

والدين کي قتل ڪرڻ کان به پوئتي ناهن هٽندا، اهڙيون خبرون به ڪٿي نه ڪٿي ٻڌڻ جي لاءِ ملنديون رهنديون آهن.

والدين  کي ستائڻ حرام  آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! والدين دنيا ۾ اسان جي جنّت آهن. انهن جو ادب نهايت ضروري آهي. قرآن ڪريم ۾ کوڙ مقامَ اهڙا آهن جتي الله پاڪ پنهنجي عبادت ۽ والدين جي خدمت جو حڪم  گڏ ڏنو آهي. ارشاد ٿئي ٿو:

اَنِ اشْكُرْ لِیْ وَ لِوَالِدَیْكَؕ-

آيت ترجموڪنزُ العرفان: ته منهنجو ۽ پنهنجي والدين جو شڪر ادا ڪيو (سيپارو: 21م سورت لقمان: 14)

هڪ مقام تي ارشاد فرمايو:

وَ قَضٰى رَبُّكَ اَلَّا تَعْبُدُوْۤا اِلَّاۤ اِیَّاهُ وَ بِالْوَالِدَیْنِ اِحْسَانًاؕ-

آيت ترجموڪنزُ العرفان: تنهنجي ربّ حڪم فرمايو ته ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪيو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱو سلوڪ ڪيو (سيپارو: 5، سورت بني اسرائيل: 23)

  ڏسو! هي ڪيترو بُلند مقام آهي، الله پاڪ حڪم ڏنو: اي ٻانهؤ! منهنجو شڪر ادا ڪيو! منهنجي عبادت ڪيو! پوءِ گڏ ئي، ان حڪم سان جوڙي ڪري هڪ ٻيو حڪم ڏنو، فرمايو: منهنجي شڪر سان گڏ والدين جو به شڪر ادا ڪيو! منهنجي عبادت سان گڏوگڏ والدين سان نيڪ سلوڪ به ڪندا رهو...!!

   هن مان معلوم ٿيو: جهڙيءَ طرح الله پاڪ جي عبادت کان منهن موڙڻ تمام وڏي محرومي آهي، ائين ئي والدين جي بي ادبي ڪرڻ به تمام وڏو گناھ آهي. اعليٰ حضرت رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: پيءُ جي نافرماني الله جبّار ۽ قهّار جي نافرماني