Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
آهي ۽ پيءُ جي ناراضگي الله جبّار ۽ قهّار جي ناراضگي آهي، ماڻهو والدين کي راضي ڪري ته اهي هن جي جنّت آهن ۽ ناراض ڪري ته اهي ئي هن جا دوزخ آهن. جيستائين پيءُ کي راضي نه ڪندو، ان جو ڪو فرض، ڪو نفل، ڪو نيڪ عمل اصل ئي قبول ناهي، آخرت جي عذاب کان علاوه دنيا ۾ ئي جيئري سخت بلا(يعني شديد مصيبت) نازل ٿيندي، مرڻ وقت معاذَ الله ڪلمو نصيب نه ٿيڻ جو خوف آهي.
ظالم والدين جي به فرمانبرداري لازم آهي
حضرت عبدُ الله ابنِ عباس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُما کان روايت آهي ته رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جنهن هن حال ۾ صبح ڪئي جو پنهنجي والدين جو فرمانبردار آهي، ان جي لاءِ صبح جو ئي جنّت جا 2 دروازا کُلي ويندا آهن ۽ والدين مان هڪ ئي هجي ته هڪ دروازو کُلندو آهي. ۽ جنهن هن حال ۾ شام ڪئي جو ماءُ پيءُ جي باري الله پاڪ جي نافرماني ڪندو آهي ان جي لاءِ صبح جو ئي جهنم جا 2 دروازا کُلي ويندا آهن ۽ (والدين مان) هڪ هجي ته هڪ دروازو کُلندو آهي. هڪ شخص عرض ڪيو: توڙي جو ماءُ پيءُ ان تي ظلم ڪن. فرمايائون: جيتوڻيڪ ظلم ڪن، جيتوڻيڪ ظلم ڪن، جيتوڻيڪ ظلم ڪن.[1]
هڪ ڀيري الله پاڪ جا نبي حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪٿي سفر تي هئا، پيادل ئي هلي رهيا هئا، هلندي هلندي کين ڪجھ ٿڪاوٽ محسوس ٿي. پاڻ رُڪجي ويا. الله پاڪ وحي موڪلي: اي موسيٰ! ويجهو ئي هڪ جبل آهي، اتي تشريف وٺي وڃو! ان غار ۾ هڪ شخص هوندو، اهو اوهان جي لاءِ سواري جو انتظام ڪري ڇڏيندو.