Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
مسجد ۾ ڳالهيون ڪرڻ نيڪين کي کائي ويندو آهي
تفسيرِ مدارڪ شريف ۾ آهي ته محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مسجد ۾ دنياوي ڳالهيون ڪرڻ نيڪين کي هن طرح کائي ويندو آهي جهڙيءَ طرح چوپايو گاھ کي کائي ويندو آهي.[1]
امام احمد رضا رحمةُ اللهِ عَلَيْه نقل ڪن ٿا: جيڪو مسجد ۾ دنياوي ڳاليهون ڪري، الله پاڪ ان جي 40 سالن جا (نيڪ) اعمال اڪارت (يعني برباد) فرمائي ڇڏيندو.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ڊڄڻ جي ڳالھ آهي، پهريان اسان نيڪيون ڪيون ئي ڪيتريون ٿا؟ وري مسجد ۾ ڳالهيون ڪري رهيون سهيون نيڪيون به برباد ڪري ويهون ته اسان جو ڇا ٿيندو...؟ ان ڪري مسجد جو ادب ۽ احترام ڪيو! مسجد ۾ دنياوي ڳالهيون ڪرڻ کان بچو! هيءَ هڪ افسوسناڪ صورتحال آهي جو ڪيئي ماڻهن کي مسجدن جا آداب معلوم ئي ناهن هوندا، هي به سکڻ جون ڳالهيون آهن، اسان کي سکڻ گهرجن. اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو نهايت ئي پيارو ڪتاب آهي: فيضانِ رمضان. ان ۾ مسجد جا آداب تفصيل سان لکيا ويا آهن، آسان اردو ۾ لکيل آهن، سڀني کي گهرجي ته ان ڪتاب کي حاصل ڪن، ان کي پڙهن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! علمِ دين جو وڏو خزانو نصيب ٿيندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي قيامت جون ڪجھ نشانيون اوهان جي سامهون عرض ڪيون، ان کان علاوه به حديثن ۾ قيامت جون ڪيئي نشانيون بيان ٿيون آهن ۽ انهن ۾ اڪثر اهي آهن جيڪي تقريباً پوريون ٿي چڪيون آهن. هي سڀ ڪم اهي آهن، جن کان اسان کي عبرت وٺڻ گهرجي، انهن بُرائين کان بچڻو آهي. تنهنڪري پنهنجي اندر قبر ۽ آخرت جو خوف وڌايو! آخرت جو فڪر