Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
اپنايو! قبر ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ماڻڻ جي لاءِ نيڪ نمازي بڻجي وڃو! الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني ڪورسز
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي علمِ دين جو نور ورهائڻ واري تحريڪ آهي. جيڪا علمِ دين کي عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي. دعوت اسلامي جي اها ڪوشش آهي ته مسلمان گهٽ ۾ گهٽ فرض علمِ دين جيئن وضو، غُسل، نماز، روزو، زڪوات وغيره جا ضروري مسئلا سکي وٺن.
اوهان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12
ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ
الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن
مان هڪ ديني ڪم مدني ڪورسز به آهي. اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي جي تحت ڪيئي شارٽ
ڪورس ڪرايا ويندا آهن مثلاً
* 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس *7 ڏينهن جو 12 ديني
ڪمن جو ڪورس * 7 ڏينهن جو اصلاحِ اعمال ڪورس وغيرها.* هن ديني ڪم ۾ شرڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ
الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو. * دين سکنداسين ته الله پاڪ راضي
ٿيندو. *رزق ۾ برڪت ٿيندي، *علمِ دين جو خزانو ملندو. *نيڪين جو ذهن بڻجندو. *الله پاڪ جي عبادت صحيح انداز تي ڪري سگهنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ
الْکَرِیْم! ڪرم ئي ڪرم ٿيندو. *پوءِ ديني ماحول به ملندو. *نيڪ ماڻهن جي صحبت به نصيب ٿيندي، ان جون پنهنجون برڪتون
آهن.