Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
وضاحت: ڏينهن فضوليات ۾ گذريو، سڄي رات غفلت جي ننڊ سُتا رهياسين، نه ڏينهن جو خُدا جي ياد، نه رات جو عبادت جو وقت...!! نه شرمِ نبي، نه خوفِ خُدا، هيءُ به نه، هو به نه.
سيد احمد حَرۡب رحمةُ اللهِ عَلَيْه الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا، پاڻ سڄي رات جاڳندا رهندا هئا، عبادت ڪندا رهندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو اصرار ڪندا، يعني باربار چوندا هئا ته سمهي رهو! گهڙي کن آرام ڪري وٺو، پاڻ فرمائيندا هئا: جنهن جي لاءِ جهنم ٽَهڪايو وڃي رهيو هجي، جنت سجائي وڃي رهي هجي پر اهو نه ڄاڻيندو هجي ته ان جو ٺڪاڻو ڪٿي آهي؟ جهنم ۾ وڃڻو آهي، يا جنّت ۾ ٺڪاڻو آهي؟ ڀلا ان کي ڪيئن ننڊ اچي سگهي ٿي...؟ (تذکرۃ الاولیاء ،ج ۱ ، ص ۲۲۰ )
الله! الله! هي هئا قيامت کي ياد رکڻ وارا ماڻهو...!! انهن جي سوچ ڪهڙي هئي، ذهن ڪهڙو هو؟ هر وقت انهن جي دل ۽ دماغ تي قيامت جون هولناڪيون ۽ ميدانِ محشر جي دهشت ڇانيل رهندي هئي، قيامت جي خوف کان راتين جي ننڊ به نه ايندي هئي...!! هاڻي اسان جو ڇا حال آهي؟ ڪڏهن ڪو ڊيڄاريندڙ خواب ڏسون، قيامت جي تذڪري جي باري ۾ بيان ٻڌي وٺون، تڏهن وڃين قيامت ياد اچي ته اچي، نه ته بَس دنيا جي لذتن ۾ مگن، بَس دنيا ئي دنيا ڪمائڻ ۾ مصروف آهيون.
حضرت ربّاح رحمةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڀيرو حبشي غلام خريد ڪيو، ان کي گهر وٺي آيا. ان غلام جي عادت تمام نرالي هئي، هي نه پاڻ رات جو سمهندو هو، نه حضرت ربّاح رحمةُ اللهِ عَلَيْه کي سمهڻ ڏيندو هو، هڪ ڀيرو رات ٿي وئي، هر پاسي اونداهي ٿي وئي ته حضرت ربّاح رحمةُ اللهِ عَلَيْه ان غلام کان پڇيو: توهان رات جو آرام ڇونه ڪندا آهيو...؟ غلام دل ڏڪائيندڙ جواب ڏنو، چيائين: جڏهن رات جي