Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

اونداهي ڦهلجي ويندي آهي ته مان قبر ۽ جهنم جي اونداهي کي ياد ڪندو آهيان، ان ڪري منهنجي ننڊ ڦِٽي ويندي آهي، دل غمگين ٿي ويندي آهي، پوءِ جنّت ۽ انهن جي نعمتن کي ياد ڪندو آهيان ته دل ۾ عبادت جو شوق پيدا ٿيندو آهي، جيئن ته رات عبادت ۾ گذاريندو آهيان، هاڻي اوهان ئي ٻڌايو! اهڙي ڪيفيت ۾ مان ڪيئن ٿو سمهي سگهان؟ حضرت ربّاح رحمةُ اللهِ عَلَيْه هي جواب ٻڌو ته ان غلام کي آزاد ڪري ڇڏيائون.  (درۃ الناصحین ،المجلس الخامس والستون، ص۲۹۵)

دانهن ڪري بي هوش ٿي ويا...!!

 حضرتِ عمر بن عبدُ العزير رحمةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڀيري روئڻ لڳا، پاڻ رحمةُ اللهِ عَلَيْه کي روئندو ڏسي ڪري سندن گهرواري حضرت فاطمه بنت عبدُالملڪ رحمةُ اللهِ عَلَيْها به روئڻ لڳيون بعد ۾ ٻيا گهروارا به روئڻ لڳا، جڏهن روئڻ جو سلسلو ختم ٿيو ته عرض ڪيو ويو: اي اميرُ المؤمنين! اوهان ڇو روئي رهيا هئا؟ فرمايائون: مون کي بارگاھِ الٰهي ۾ حاضر ٿيڻ ياد اچي ويو هو جنهن کان بعد ڪو جنّت ۾ ويندو  هو ته ڪو دوزخ ۾، هي چئي ڪري پاڻ رحمةُ اللهِ عَلَيْه رَڙ ڪيائون ۽ بي هوش ٿي ويا.[1]

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي قيامت جي ڏينهن جو خوف...!! قيامت اچڻ جو فڪر! الله ڪري ته اسان کي به قيامت جي متعلق اهڙو فڪر نصيب ٿي وڃي! ڪاش! دل مان غفلت جا پردا هٽي وڃن ۽ اسان سنجيدگي سان قيامت کي ياد رکڻ ۽ ان جي تياري ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے                                                                 ہو مجھ ناتواں پر کرم یااِلٰہی!

گُنَاہوں سے بھرپُور نامہ ہے میرا                                                                    مجھے بخش دے کر کرم یااِلٰہی!

میں تھا لائقِ نارِ دوزخ خُدایا                                                                                                   دِی جنّت ہے کتنا  کرم یااِلٰہی!([2])


 

 



[1]... حِلْيَةُ الاولیا،جلد:5 ،صفحہ:303، رقم:7201۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:110ملتقطاً۔