Book Name:Kar Saman Chalne Ka
رهندا هئا، نرم ۽ ملائم بسترن تي سمهندا هئا، نوڪر ۽ خادم سندن خدمت ۾ مصروف رهندا هئا، گهر وارا انهن جي عزت ۽ پاڙيسري حمايت ڪندا هئا. جيڪڏهن توهان انهن کي پڪاري سگهو ته اُتان گذرندي ضرور انهن کي پڪارجو ۽ جيڪڏهن اوهان کين سڏي سگهو ته ضرور سڏجو. مُردن جي لشڪرن وٽان لنگهو ته جن گهرن ۾هُو عيش و عشرت سان رهندا هئا انهن جي آسپاس کي به ڏسو. انهن جي مالدارن کان پڇو: توهان وٽ ڪيترو مال بچيو آهي؟ انهن جي فقيرن کان پڇو: توهان جو فقر ڪيترو باقي آهي؟ انهن کان سندن زبانن جي متعلق پڇو جن سان هُو ڳالهيون ڪندا هئا، انهن کان اکين جي باري ۾ پڇو جن سان هُو بدنگاهي ڪندا هئا. انهن کان پڇو ته سنهڙي چمڙي، خوبصورت شڪل، نرم ۽ نازڪ بدن سان ڪيڙن ڪهڙو حشر ڪيو؟ ڪيڙن انهن جو رنگ اڏائي ڇڏيو، گوشت کائي ويا، چهرن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، خوبصورتي کي ختم ڪري ڇڏيو، ڪرنگهي جي هڏي ٽوڙي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا ۽ جوڙن کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. انهن کان پڇو توهان جا خيما ۽ عورتون ڪيڏانهن ويون؟ خدمتگار ڪيڏانهن ويا؟ غلام ڪٿي آهن؟ جمع ڪيل مال ملڪيت ۽ خزانا ڪٿي آهن؟ الله پاڪ جو قسم! انهن قبر جي لاءِ ڪائي به تياري نه ڪئي، نه ئي ڪو سهارو بڻايو، نه ئي نيڪي جو ڪو ٻوٽو لڳايو، قبر ۾ سڪون ماڻڻ جي لاءِ ڪجهه به نه موڪليو. ڇا هاڻي هُو تنهائي ۽ ويرانين ۾ ناهن پيا؟ ڇا هاڻي انهن لاءِ ڏينهن ۽ رات برابر ناهن ؟ ڇا هاڻي هُو اونداهي قبر ۾ ناهن؟ ها، هاڻي! انهن جي ۽ انهن جي عمل جي وچ ۾ رڪاوٽ وڌي وئي آهي ۽ عزيزن ۽ قريبن کان انهن جي جدائي ٿي وئي آهي. ڪيترن ئي خوشحال مَردن ۽ عورتن جي حالت تبديل ٿي وئي، انهن جا چهرا ڳري سڙي ويا، سندن جسم منڍيءَ کان جدا ٿي ويا، سندن سَنڌ الڳ الڳ ٿي ويا، انهن جون اکيون ڳلن تي وهي آيون، وات رت ۽ پونء سان ڀرجي ويا، انهن جي جسمن ۾ ڪيڙا ماڪوڙا ڦرڻ لڳا، عضوا وکري جدا ٿي ويا، خدا جو قسم! ٿوري ئي عرصي ۾ سندن هڏا سڙي سڪي ويا، باغ باغيچا ڇڏائجي ويا، ڪشادگي کان بعد هُو غربت ۾ وڃي پيا، سندن بيواهن وڃي ٻيا مڙس ڪيا، اولاد گهٽين ۾ دربدر ڌڪا کائي رهيو آهي، عزيزن رشتيدارن انهن جا گهر ۽ ميراث پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيا، خدا جو قسم! انهن مان ڪجھ خوش نصيب