Book Name:Kar Saman Chalne Ka
اهي آهن جن جي قبرن ۾ ڪشادگي، رونق ۽ تازگي آهي ۽ هُو قبرن ۾ مزا ماڻي رهيا آهن. اي سڀاڻي قبر ۾ وڃڻ وارا شخص! توکي دنيا جي ڪهڙي شيءِ دوکي ۾ رکيو؟ ڇا تون اهو سمجهين ٿو ته هميشه رهندين يا هيءَ دنيا تنهنجي لاءِ باقي رهندي؟ تنهنجو وسيع گهر ڪاٿي آهي؟ تنهنجا پڪل ميوا ڪيڏانهن ويا؟ تنهنجا سنها باريڪ ڪپڙا ۽ خوشبو ڪاٿي آهن؟ تنهنجن گرمي ۽ سردي جي ڪپڙن جو ڇا ٿيو؟ ڇا تو مرڻ واري کي ناهي ڏٺو ته جڏهن کيس موت ايندو آهي ته هُو پاڻ کان گهٻراهٽ پري ناهي ڪري سگهندو، پگهر ۾ ٻڏل رهندو آهي، اُڃ سبب تڙپندو ۽ موت جي سختي ۽ تڪليف سبب پاسا مٽائيندو رهندو آهي. ربِ ڪائنات جي بارگاھ مان حڪم اچي چڪو آهي، تقدير جو اَٽل فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ اهو اَمر اچي چڪو آهي جنهن کان تون بچي نه ٿو سگهين. (پوءِ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳا) افسوس! صد افسوس! اي پيءُ، ڀاءَ ۽ پٽ جون اکيون بند ڪري کين غسل ڏيڻ وارا! اي ميت کي ڪفن ڏيڻ ۽ ان کي کڻڻ وارا! اي قبر ۾ اڪيلو ڇڏي موٽي وڃڻ وارا! ڪاش! تون ڄاڻي وٺين ها ته تون کهري ۽ سخت زمين ۾ ڪهڙي حالت ۾ هوندين؟ ڪاش تون ڄاڻي وٺين ها ته تنهنجو ڪهڙو ڳل پهريان ڳرندو؟ اي هلاڪ ڪرڻ وارن ڪمن ۾ گُم رهڻ وارا! تون به جلد ئي مُردن سان وڃي گڏ ٿيندين، ڪاش! توکي خبر هجي ها ته دنيا کان وڃڻ وقت مَلڪُ الموت عَلَیْهِ السَّلَام توسان ڪهڙي حالت ۾ ملندا؟ ۽ منهنجي ربّ جو ڪهڙو پيغام آڻيندا. ان کانپوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اُتان واپس موٽي آيا ۽ هڪ هفتي بعد سندن وصال ٿي ويو. ([1])
قبر روزانہ یہ کرتی ہے پکار مجھ میں ہیں کیڑے مکوڑے بیشمار
یاد رکھ میں ہوں اندھیری کوٹھڑی تجھ کو ہوگی مجھ میں سُن وَحشت بڑی
میرے اندر تُو اکیلا آئے گا ہاں مگر اعمال لیتا آئے گا
گُھپ اندھیری قبر میں جب جائے گا بے عمل! بے انتِہا گھبرائے گا
جب ترے ساتھی تجھے چھوڑ آئیں گے قبر میں کیڑے تجھے کھا جائیں گے