Book Name:Kar Saman Chalne Ka
جو مُحِبِّ نبی ہے اے کافیؔ! چاہیے اس کو بار بار درود ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * با اَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! جمعي جي رات آهي ۽ ان سان گڏوگڏ شبِ برات به آهي. يعني اڄ جي رات ۾ هي ٻئي فضيلتون گڏ ٿي ويون آهن. جمعي جي رات به وڏي فضيلت واري رات آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جمعي رات (يعني خميس ۽ جمعي جي وچين رات) شروع ٿيڻ کان ختم ٿيڻ تائين الله پاڪ دنيا جي آسمان تي تجلي فرمائيندو آهي ۽ هڪ ملائڪ کي حڪم ڏيندو آهي: * آهي ڪو گُهرڻ وارو ته مان ان کي عطا ڪريان؟ * آهي ڪو توبهه ڪرڻ وارو ته مان ان جي توبهه قبول ڪيان؟ * آهي ڪو بخشش جو طلبگار ته مان ان کي بخشي ڇڏيان؟ اي نيڪي ڪرڻ وارا ! (نيڪي جي ڪم ۾) جلدي ڪر، ۽ اي گناهه ڪرڻ وارا ! (گناهه ڪرڻ کان) باز اچي وڃ. ([3])
يعني هر جمعي جي رات خاص طور تي گناهه ڇڏڻ، نيڪين تي سَندِرو ٻڌڻ ۽ الله پاڪ جي حضور حاضر ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي. اهڙي طرح شبِ برات