Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

اڳين امتن جي ڳالهه آهي، هڪ شخص هو، جنهن کي ٻه پٽ هئا موت ته اچڻو ئي اچڻو آهي، هڪ وقت آيو ته ان جو انتقال ٿي ويو. هن پنهنجي وراثت ۾ هڪ گهر ڇڏيو.

عام طور تي ٿيندو ته ايئن ئي آهي ته ٺاهڻ وارو ته ٺاهي هليو ويندو آهي پر ان جا پوئيوار وراثت تي جھڳڙا ڪندا آهن (ايئن نه  ڪرڻ گهرجي، وراثت جي تقسيم پيار ۽ محبت سان شريعت جي مطابق ڪرڻ گهرجي) خير! ان شخص جا ٻئي پٽ انهيءَ گهر جي وراثت متعلق پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا جڏهن انهن جو پاڻ ۾ تڪرار هلي رهيو هو ته الله پاڪ انهي گهر ۾ لڳل هڪ سِرَ کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪئي ۽ سِرَ چوڻ لڳي: يَا هٰذَانِ فِيمَا تَتَنَازَعَانِ  ؟ اي ڀائرو! پاڻ ۾ ڪهڙي ڳالهه تي وِڙهي رهيا آهيو؟ (مون کان منهنجي ڪهاڻي ٻڌو!)

مان هڪ بادشاهه هئس، سالن جا سال مان حڪومت ڪندو رهيس. پوءِ موت مون کي فنا ڪري ڇڏيو (منهنجا پيارا پيارا ڳَلَ، سهڻيون سهڻيون اکيون، طاقتور جسم، مضبوط ٻانهون، منهنجون هڏيون، مطلب ته) منهنجو وجود ڳَري ۽ سڙي مٽيءَ ۾ ملي ويو. هڪ هزار سالن تائين منهنجي مٽي برباد رهي آهي، پوءِ هڪ ڪُنڀَر (يعني مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهيندڙ) منهنجي دفن واري جاءِ تان مٽي کڻي منهنجي وجود جي مٽي مان هڪ پيالو ٺاهيو، هاڻي منهنجي جسم جي مٽي پيالي جي صورت ۾ استعمال ٿيندي رهي وقت گذرندو رهيو سالن کان پوءِ پيالو به ٽٽي پيو، مٽي ٻيهر مٽيءَ ۾ ملي وئي پوءِ هڪ شخص ان مٽي مان سِرَ ٺاهي ۽ هِن گهر ۾ لڳايو ويو، جڏهن انجام اهڙو آهي ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه تي جھڳڙو ڪري رهيا آهيو؟ ([1])

کہاں تختِ خُسْرو! کہاں طاقِ کِسْریٰ                                                               محلِّ اِقامت کا اُن کے پتا کیا؟

ملے خاک میں سینکڑوں مسند آراء                                                                        نہ گورِ سکندر ہے نہ قبرِ دارا

مٹے نامیوں کے نشاں کیسے کیسے؟                                                                   زمیں کھا گئی نوجواں کیسے کیسے؟

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...التذکرۃ للقرطبی، باب ما جاء ان للموت سکرات، صفحہ:24۔