Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

يعني اي موسيٰ! بني اسرائيل کي پوئتي ڇڏي تڪڙو تڪڙو ڇو آئين ...؟ عرض ڪيائين:

عَجِلْتُ اِلَیْكَ رَبِّ لِتَرْضٰى(۸۴) (پارہ:16، سورۀ طه:84)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي منهنجا رب! مان تنهنجي طرف جلدي ان ڪري حاضر ٿيس ته جيئن تون راضي ٿئين.

يعني اي پيارا الله ڪريم!  تنهنجي حڪم تي عمل ڪرڻ، ڪوھِ طُور تي پهچي جلد کان جلد روزا شروع ڪرڻ، تنهنجي عبادت ۾ مشغول ٿي توکي راضي ڪرڻ جو شوق ئي ايترو هو جو صبر نه ٿي سگهيو، تنهنڪري مان تڪڙو تڪڙو هلي  پهريان پهچي ويس.([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا..؟ جبلِ طُور تي. ڇا ڪرڻو هو؟ روزا رکڻ جو حڪم هو، پوءِ توريت شريف عطا ٿيڻ وارو هو. حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام کي ان جو ايترو ته شوق پيدا ٿيو جو پاڻ هن ڪم لاءِ جلدي فرمايائون. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! * رمضان شريف اچي رهيو آهي    * روزا رکڻ جو مهينو اچي رهيو آهي * عبادت ڪرڻ جو مهينو اچي رهيو آهي * توبهه ڪرڻ جو مهينو اچي رهيو آهي * نيڪين جي طرف وڌڻ جو مهينو اچي رهيو آهي * عبادت لاءِ سَندِرو ٻڌڻ جو مهينو اچي رهيو آهي. اسان به حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام جي هن پيارِي ادا مان سبق حاصل ڪيون، جلدي ڪيون، الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ سڀني کان اڳتي نڪري وڃون      * جلدي جلدي توبهه ڪيون * نيڪ عملن جي فهرست تيار ڪيون * رمضان شريف ڪيئن گذارڻو آهي، جلد کان جلد ان جو جدول تيار ڪيون ۽ پوري شوق سان پيشگي تياريءَ سان رمضان شريف جو ڀرپور استقبال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

يعني اي پيارا الله ڪريم! تنهنجي حڪم تي عمل ڪرڻ، ڪوھِ طُور تي


 

 



[1]... صاوی۔