Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

فرمايو: رمضان شريف جي هر رات هي اعلان ڪيو ويندو آهي: يَا بَاغِیَ الْخَیْرِ اَقْبِلْ وَ یَا بَاغِیَ الشَّرِّ اَقْصِرْ       اي نيڪي گهرڻ وارا...!!  اڳتي وڌ! اي برائي گهرڻ وارا...!! برائي کان باز اچي وڃ! ([1])

 سُبْحٰنَ اللہ! ڄڻ ته رمضان شريف جي هر رات صبح تائين اعلان ٿيندو رهندو آهي: اي الله پاڪ جا ٻانهو ...!! اچو! نيڪيءَ جي طرف اچو...!! اي جنت جا طلبگارؤ...!! اچو! رمضان اچي ويو آهي! * اي بخشش گهرڻ وارؤ...!! اچو! رمضان اچي ويو آهي! * اي قربِ خدا ۽ عشقِ مصطفى جا طلبگارؤ...!! اچو! رمضان اچي ويو آهي! * اي نمازون قضا ڪرڻ وارؤ! نمازن ڏانهن وڌو! رمضان اچي ويو آهي! * اي جماعت ڇڏڻ وارؤ! مسجد ڏانهن هلو! رمضان اچي ويو آهي! * اي گناهن جي ڌُٻَڻ ۾ رهڻ وارؤ! گناهه ڇڏي ڏيو! رحمت جي طرف وڌي هلو! رمضان اچي ويو آهي.

ہم  گناہگاروں  پہ  یہ  كتنا بڑا  احسان ہے                                               یا خدا!  تُونے عطا  پھر كردیا  رمضان  ہے

ہرگھڑی رحمت بھری ہے ہرطرف ہیں بركتیں ماہ  رمضاں رحمتوں اور  بركتوں كی كان ہے

آگیا  رمضاں عبادت پر كمر  اب  باندھ  لو                                              فیض لے  لو جلد كہ دِن تیس  كا مہمان ہے([2])

صرف 30 ڏينهن جو مهمان آهي * خوب روزا رکو! سحري ۽ افطاري جا مزا ماڻيو! صرف 30 ڏينهن جو مهمان آهي * پنج ئي نمازون مسجد ۾ جماعت سان پڙهو! صرف 30 ڏينهن جو مهمان آهي * ڪثرت سان نفل پڙهو! * تهجد به پڙهو! * اشراق، چاشت ۽ اوابين جا نفل به پڙهو! صرف 30 ڏينهن جو مهمان آهي * خوب تلاوت ڪيو! * صدقو ۽ خيرات ڪيو! * بلڪه مان ته چوان ٿو، سڄي مهيني جو اعتڪاف ئي ڪري وٺو! صرف ۽ صرف 30 ڏينهن جو ئي ته مهمان آهي، اهو به ڪهڙي خبر ته 29 جو ئي ٿي وڃي * بس الله پاڪ جي گهر ۾ ويهي رهو! رحمت جي دروازي سان چنبڙي وڃو! ته هاڻي ته بس بخشش ڪرائي ئي رهندس.


 

 



[1]... فضائل رمضان للمقدسی۔

[2]... ؟؟؟ ۔