Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

سمجهائيندا ۽ اصلاح فرمائيندا هئا.

 ڪاش! اسان کي به اِهو جذبو نصيب ٿي وڃي! عام طور تي اجتماعي نيڪي جي دعوت جو سلسلو ٿيندو رهندو آهي، مبلغ بيانات ڪندا آهن، درس ڏيندا آهن، سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينلن جي ذريعي به ماڻهو ٻين تائين نيڪي جون ڳالهيون پهچائي رهيا هوندا آهن پر انفرادي طور تي ڪنهن کي غلطي ڪندي ڏٺو ته ان کي سمجهائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ، ان جي اصلاح جو سامان ڪرڻ ۾ گهٽتائي نظر اچي ٿي. انفرادي طور تي سمجهائڻ ۾ عام طور تي همت ناهي ٿيندي، درس ۽ بيان ڪرڻ جي مقابلي ۾ ان ۾ هٻڪ وڌيڪ ٿيندي آهي پر اجتماعي نيڪي جي دعوت جي مقابلي ۾ انفرادي طور تي سمجهائڻ جي ضرورت وڌيڪ آهي، اهميت به وڌيڪ آهي ۽ ان جا فائدا به وڌيڪ نظر ايندا آهن. اهو شرعي مسئلو هميشه ياد رکو! جيڪڏهن مون ڪنهن کي ڪو گناھ جو ڪم ڪندي ڏٺو ۽ مون کي يقين آهي ته مان ان کي سمجهائيندس ته اهو سمجهي ويندو، اهڙي صورت ۾ ان کي سمجهائڻ واجب ٿي ويندو آهي.

 (بہارِ شریعت،جلد:3،صفحہ:615،حصہ:16 بتغیر قلیل۔)

لهٰذا اڪيلي ۾ ماڻهن کي سمجهائڻ جي عادت بڻايو! * ڪنهن کي نماز ۾ غلطي ڪندي ڏسي ورتو. * ڪنهن کي وضو ۾ غلطي ڪندي ڏٺو. * ڪنهن جي دُڪان تي ويا ۽ ان گانا پئي ٻڌا. * ڪنهن کي غيبت ڪندي  * چغلي ڪندي ڏسي ورتو. * گاريون ڏيندي ٻڌي ورتو، جيڪڏهن يقين آهي ته مان ان کي سمجهائيندس ته سمجهي ويندو، اهڙي صورت ۾ موقعي جي مناسبت سان. حڪمت عملي سان. * پيار محبت سان ان کي سمجهائي ڪري نيڪي جي دعوت جو ثواب ڪمائڻ ۾ هرگز سستي نه ڪرڻ گهرجي. منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جو قسم! جيڪڏهن الله پاڪ توهان جي ذريعي ڪنهن هڪ شخص کي به هدايت ڏئي