Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

ڇڏي ته اهو توهان جي لاءِ ڳاڙهن اُٺن کان به وڌيڪ بهتر آهي. (بخاری،کتاب الجہاد و السیر،باب دعاء النبی الی الاسلام...الخ،صفحہ:758،حدیث:2942۔) حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: جنت الفردوس خاص ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو نيڪي جي دعوت ڏي ۽ برائي کان منع ڪري. (تَنْبِيْهُ الْمُغْتَرِّين،و من اخلاقہم امرہم بالمعروف...الخ،صفحہ:201۔)

         الله پاڪ اسان کي خوب خوب نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. يقين ڪيو! جيڪڏهن اسان اهو انداز اختيار ڪيون، سمجهڻ سمجهائڻ وارا، اصلاح ڪرڻ ۽ اصلاح قبول ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ته اسان جو سماج مثالي معاشرو بڻجي ويندو. الله پاڪ عمل جو جذبو عطا فرمائي.

میں نیکی کی دعوت کی دھومیں مچا دوں                   ہو توفیق ایسی عطا یا الٰہی

مُبلِّغ بنوں کاش! میں سُنّتوں کا                             سَدا دیں کی خدمت کروں یہ دُعا ہے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُحيُ الدِّين آهن

 پيارا اسلامي ڀائرو! پنجين صدي هجري يعني جنهن دور ۾ حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن تشريف کڻي آيا، ان وقت امّتِ مسلمه ڪيئي آزمائشن جو شڪار هئي، مسلمانن جي عقيدن ۽ نظرين تي حملا ٿي رهيا هئا، بدمذهبي پکڙجي رهي هئي، مسلمانن جي اخلاق ۽ ڪردار کي زخمي ڪيو پئي ويو، ڪافر سازشون ڪري رهيا هئا. اُندلس (موجوده اسپين) ۾ مسلم حڪومت دم ٽوڙي رهي هئي، مصر ۾ ڪافرن جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ عراق ۾ حَسَن صبّاح (نالي منافق ۽ نهايت ظالم شخص)


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:332۔