Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

پنهنجي شهزادي حضرت عبد الرزاق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي فرمايو: هن ٽوڪري جو منهن کوليو! ٽوڪري جو منهن کوليو ويو ته ان ۾ واقعي معذور ٻار هو، سرڪارِ غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ٻار تي پنهنجو هٿ مبارڪ رکي فرمايائون: قُمْ بِاِذْنِ اللہ! الله پاڪ جي حڪم سان بيهي رهو...! ايترو فرمائڻو هو جو ان ٻار جي معذوري ٺيڪ ٿي وئي ۽ هو صحيح سلامت اُٿي بيهي رهيو، هاڻي غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻي ٽوڪري تي هٿ رکي فرمايائون: هن ۾ تندرست ٻار آهي۔ جڏهن ٽوڪرو کوليو ويو ته ان ۾ واقعي تندرست ٻار هو، شهنشاھ بغداد حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها زِنده ڪرامت ڏسي انهن تمام بدمذهبن پنهنجن بُرن عقيدن کان توبه ڪئي ۽ سچا عاشِقانِ رسول بڻجي ويا۔([1])

لینے شفائے کامِلہ دربار میں اے کامل                                بیمارِ عِصیاں آگیا بغداد والے مرشد

ایمان اس کا بچ گیا شیطان سے، جو تیرے                         ہے سلسلے میں آ گیا بغداد والے مرشد

کیوں نَزْع وقَبْر وحشرکا ڈر اَب مُریدوں کو ہو                    تو ’’لا تَخَف‘‘ سنا گیا بغداد والے مرشد([2])

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

خواب ۾ نيڪي جي دعوت

فُتُوحُ الغيب جيڪا حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪتاب آهي. ان ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان ستل هيس، مون خواب ۾ ڏٺو ته ڪنهن مسجد ۾ آهيان، اُتي ڪيترائي ماڻهو جمع آهن، مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ڪاش! هتي فلاڻو نيڪ ٻانهو هجي ها، اهو انهن ماڻهن کي دين جو اَدب سيکاري ها..!! ايترو سوچڻ کان بعد مون هڪ نيڪ شخص کي اشارو ڪيو، جيئن ئي انهن کي


 

 



[1]...قلائد الجواہر، صفحہ:137-138۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:545- 546 ملتقطًا۔