Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

غوث اعظم جي تعليمات

پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه صاحبِ سلسله آهن، يعني پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قادري سلسلي جي بنياد رکي ۽ ان جا اصول مقرر فرمايائون: اَلحَمۡدُلله! حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها به هڪ دور انديشي آهي جو کين پنهنجي دور ۾ سماج جي اصلاح جي خاطر جيڪي اُصول مقرر فرمايا هئا، اَڄ به اهي اُصُول ڪارآمد آهن، جيڪڏهن اسان سلسلي عاليه قادريه جي انهن بنيادي اصولن کي اپنايون ته اسان جو سماج هڪ مثالي معاشرو بڻجي سگهي ٿو. سلسلي عاليه قادريه جا اُهي بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ اچو! انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿا:

(1) مُجاهدو

سلسلي عاليه قادريه جو پهريون اصول مجاهدو آهي. اُن جو مطلب آهي: پنهنجو پاڻ کي سُڌارڻ جي باقاعده ڪوشش ڪرڻ. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: آيت وَ الَّذِیْنَ جَاهَدُوْا فِیْنَا لَنَهْدِیَنَّهُمْ سُبُلَنَاؕ-  ترجموڪنزالعرفان: ۽ جن اسان جي راھ ۾ ڪوشش ڪئي اسان ضرور انهن کي پنهنجا رستا ڏيکارينداسين.  (پارہ:21،العنکبوت:69)

انهيءَ ڪري حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي سلسلي عاليه قادريه جو بنياد مجاهدي تي رکيو آهي، ڄڻ پنهنجي تعليمات جي ذريعي اسان کي اهو سيکاري رهيا آهن ته انسانو! صرف ڳالهيون ڪرڻ سان ڪجھ نه ٿيندو بلڪه اهو اسان مان هر ڪنهن تي لازم آهي ته اسان پنهنجي اندر انصاف سان ڏسون، پنهنجي برائين، پنهنجي گناھ، پنهنجي برين عادتن کي پاڻ ڏسون، پوءِ انهن بيمارين ۽ بُري عادتن کي ختم ڪري انهن جي جڳھ تي چڱيون عادتون اپنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيون، جڏهن معاشري جو هر ماڻهو اها ڪوشش ڪندو ته سُڌارو اچڻ شروع ٿي ويندو، ان جي برڪت سان سڄو معاشرو سڌري ڪري هڪ مثالي معاشرو بڻجي ويندو.